لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي الھ آباد ٿاڻي جي حد گوليمار گھٽي مان هڪ ڏينهن اڳ 15 سالن جي ناري صائمه ڌيءَ سڪندر مڪراني مبينا طور اغوا ٿي هئي اهڙي واقعي خلاف سندس وارثن پاڪ ڪتاب کڻي الھ آباد ٿاڻي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي مبينا اغوا ٿيل ناري جي امڙ فريده مڪراني صحافين اڳيان روئيندي الزام لڳايو ته آءُ 5 سالن کان گولي مار گھٽي ۾ رهندي آهيان مڙس جي فوت ٿيڻ کان پوءِ گهر گهر ڪپڙو وڪرو ڪري پيٽ گذر ڪندي آهيان، ڪالھ آءُ ڪپڙا وڪرو ڪرڻ لاءِ گهر کان ٻاهر ويل هيس ته پويان منهنجي نياڻي صائمه مڪراني کي پاڙي واسي نوجوان صابر ميمڻ ڪار ۾ اغوا ڪري ميهڙ کڻي وڃي لڪائي ڇڏيو اهڙي شڪايت مون صابر ميمڻ جي امڙ ماروي ميمڻ کي ڏني جنهن مون کي ڌيءَ واپس ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي پر هن وقت تائين منهنجي ڌيءَ واپس ناهي ٿي جنهن جي حياتي کي خطرو آهي ان ڪري آءُ مجبور ٿي پاڪ کڻي الھ آباد ٿاڻي پهتي آهيان. منهنجي لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل آهي ته اغوا ۾ ملوث صابر ميمڻ ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪري ڌيءَ کي بازياب ڪرائي ڇانيل بيچيني ختم ڪئي وڃي. ان حوالي سان الهه آباد ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ناري جي امڙ جي فرياد تي اهڙي اين سي داخل ڪرائي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي تمام جلد اصل حقيقتون سامهون اچي وينديون.
