ميهڙ ۾ مختلف ڳوٺن جي ٻوڏ متاثرن جو راشن، ٽينٽ نه ملڻ ۽ واهر نه ٿيڻ خلاف، انڊس هاء وي تي ڌرڻو

ميهڙ(رپورٽ:عابد علي جوڳرو) ميهڙ تعلقي يوسي منگواڻي جي ڳوٺ خداد چانڊيو، ڳوٺ ڪنب، ڳوٺ علي خان گاڏھي، ڳوٺ الهوسايو جانوري، ڳوٺ رجباڻي، ڳوٺ بهاول شاخ، ڳوٺ ڪرم خان چانڊيو، ڳوٺ گهارو ۽ ٻين مختلف ڳوٺن جي ٻوڏ متاثرين پاران راشن، ٽينٽ ۽ واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏيئي انڊس هاء وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن سبب لاڙڪاڻو کان ڪراچي ايندڙ ويندڙ روڊ جي ٻنهي پاسي سوين گاڏين جون قطارون لڳي ويون، مڇريل مظاهرين پاران ڊي سي دادو، اسسٽنٽ ڪمشنر ميهڙ، مختياڪار ميهڙ ۽ ٻين مٿان يوسي منگواڻي جي ٻوڏ متاثرين کي نظر انداز ڪرڻ تي سخت نعريبازي ڪئي ويئي ان موقعي تي ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ عبدالعزيز چانڊيو، عبدالغني چانڊيو، اعتبار علي جانوري، انور جانوري، وسايو جانوري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ميهڙ تعلقي ۾ آيل ٻوڏ جي تباھ ڪارين کي 3 مهينا گذري ويا آھن پر اڃا تائين يوسي منگواڻي جي سمورن ڳوٺن مان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ناهي ڪرايو ويو جنهن سبب اسان جو سارين جي فصل کانپوء ڪڻڪ جو فصل به ناهي ٿي سگهيو جڏھن ته سرڪار توڙي اين جي اوز طرفان ملندڙ امدادي راشن، ٽينٽ، گرم ڪپڙا ۽ ٻيو سامان يوسي منگواڻي جي مختلف ڳوٺن جي حقيقي متاثرين کي ڏيڻ بجاءۡ من پسند وڏيرن کي ڏنو پيو وڃي جيڪي سامان اسان ٻوڏ متاثرين کي ملڻ بدران وڪرو ڪيو پيو وڃي جنهن سبب اسان بکن ۾ پاھ بڻيل آھيون هنن وڌيڪ چيو ته سپريو بند ٽٽڻ کانپوء سڀ کان گهڻو نقصان يوسي منگواڻي جي سمورن ڳوٺن جو ٿيو آھي جنهن جي سمورن ڳوٺن ۾ هڪ به گهر ناهي بچيو ۽ سمورو علائقو کندڙ بڻيل آھي ان باوجود به ڊي سي دادو سيد مرتضئ شاھ، اسسٽنٽ ڪمشنر ميهڙ محسن شيخ، مختيارڪار ميهڙ نبي بخش سولنگي سميت تڪ جي چونڊيل نمائيندن پاران راشن، ٽينٽ، ترپال، مڇر دانيون، گرم ڪپڙا ڏيڻ سميت ڪا به واهر ناهي ڪئي ۽ گهر گهر سروري ۾ پڻ نظر انداز ڪيو ويو آھي جنهن سبب اسان جا معصوم ٻارڙا ٿڌ ۽ کاڌ خوراڪ جو سامان نه ملڻ ڪري مري رهيا آھن هنن سيشن جج دادو، سنڌ هاء ڪورٽ چيف جسٽس ۽ ٻين اعلئ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته يوسي منگواڻي جي سمورن ڳوٺن مان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪرائي ٻوڏ متاثرين جي نئين سر بحالي لاء جوڳا قدم کڻي سندن زندگيون بچايون وڃن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں