نواب ولي محمد(ن س) بٺا مالڪن ۽ چمني مالڪن پاران سرن جا وڌايل اگهن خلاف مختلف سياسي سماجي ماڻهن غلام رسول رند، ولي محمد جوکيو، محمد يونس انڙ، علي نواز انڙ، نثار احمد پلي، ڊاڪٽر الهرکيو ڪلهوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ قومي شاهراهه کان ريلي ڪڍي نواب ولي محمد پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته برساتن کان اڳ سرن جي ٽرالي 16 هزار کان 17 هزار ملندي هئي جنهن جا اگھ وڌائي ٻيڻا ڪيا ويا آهن جنهن سبب طوفاني برساتن دوران ڪريل گهر غريب مسڪين ماڻهو ٺهرائي نه ٿا سگهن بٺا مالڪ پنهنجي مرضي موجب سرن جا اگهه وصول ڪري رهيا آهن پر انتظاميه خاموش تماشائي بڻيل آهي هنن مطالبو ڪيو ته سرن جا وڌايل هٿرادو اگهه گهٽائي غريب ماڻهن کي رليف ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.
