نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز ۾ پبلڪ هيلٿ کاتي جي آرو پلانٽن تي ڪم ڪندڙ ڪچن ملازمن پاران ٻن سالن کان پگهارون نه ملڻ ۽ پڪو نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي قاري خير محمد , منصور سمون , غلام مرتضا سولنگي , نديم عالماڻي , عابد علي شاهه ۽ ٻيا ڪري رهيا هيا جن حقن جي حاصلات لاء نعري بازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته اسان کي ٻارنھن سال ڊيوٽي ڪندي گذري ويا آهن گذريل ٻن سالن جي پگھار ناھي ملي سگھي نه ئي پلانٽن جي مينٽينس نٿي ٿئي 74 آراوپلانٽ مان صرف 12 ھلندڙ آھن۔ ضلعي جي مختلف ڳوٺن ۾ لڳل پلانٽ جيڪي خراب آھن پوري ضلعي ۾ پاڻي خراب آھي اھي پلانٽ ان لاء لڳايا ويا ته ڳوٺاڻن کي صاف سٺو پاڻي ملي سگھي پر افسوس اھي مينٽنس ن ٿيڻ ڪري خراب آھن انھن وڌيڪ چيو ته اسان سال تي 11 ڪروڙ جي بجيٽ اچڻ باوجود پگھارون نٿيون ٿين ۽ ن وري آراوپلانٽ جي مينٽينس ڪرائي وئي ـ اسان جو مطالبو آھي ت اسان جون پگھارون ڪيون وڃن ۽ پلانٽ جي مرمت ڪرائي پڪو ڪيو وڃي ته جيئن فاقا ڪشي کان بچي سگهون.
