وارهه لڳ حلال احمر پاڪستان سنڌ طرفان طبي ڪئمپ لڳائي وئي

وارھ(ن س) ٻوڏ متاثر علائقن لاءِ حلال احمر پاڪستان جي ٽيمون مختلف علائقن ۾ ٻوڏ متاثر ماڻهن جو علاج ڪرڻ جي سلسلي ۾ اڄ وارھ تعلقي جي يونين ڪائونسل نور آباد جي ڳوٺ نهال تنيو ۾ مظھر الدين چانڊيو جي اوطاق ۾  ڊويزنل انچارج محمد پنهل چانڊيو جي نگراني ۾ ميڊيڪل ڪيمپ قائم ڪئي جنهن 200 جي لڳ ڀڳ  طرفان مريضن کي ڊاڪٽرن طرفان تپاسيو ويو ۽ مختلف بيمارين جو علاج ڪري مفت دوائون پڻ ڏنيون ويون ڳوٺ نهال تنيو جي علائقي واسين جو لڳايل مفت طبي ڪيمپ مان ڀرپور فائدو حاصل ڪيو ان موقعي تي حلال احمر پاڪستان سنڌ جي ڊويزنل انچارج محمد پنهل چانڊيو چيو ته حلال احمر پاڪستان ٻوڏ متاثر علائقن لاءِ ميڊيڪل ڪيمپون لڳائي رهي آهي ٻوڏ سبب ماڻهو مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن انهن جي اتلهه تلهه سڀ ختم ٿي چڪو آهي جن کي مفت علاج جي ضرورت آهي جنهن لاءِ حلال احمر پاڪستان اهو ڪم انسانيت جي خدمت عيوض ڪري رهي آهي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں