ٽنڊو آدم شهر ۾ جلد اسٽريٽ لائيٽون لڳائي شهر کي روشن ڪيو ويندو:سي ايم او

ٽنڊوآدم ( ن س )ٽنڊوآدم شهر ۾ صفائي ۽ اسٽريٽ لائٽ نه هجڻ جي شڪايتن تي چيف ميونسپل آفيسر باقر رضا بروهي موٽرسائيڪل تي سوار ٿي ٽنڊوآدم شهر جي کنڊو روڊ . جمن شاھ پاڙي . چانهيا پاڙو . ٽھل آباد ۽ ٻين علائقن جو دورو ڪيو ان موقعي تي سي ايم او اسٽريٽ لائٽون لڳائڻ لاء فوري طور تي حڪم جاري ڪيو  سي ايم او باقر رضا بروهي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ٽنڊوآدم شهر جي صفائي سٿرائي لاء هنگامي بنيادن تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي هن چيو ته صفائي جي مشينري جيڪا خراب هئي ان جي مرمت ڪرائي تيار ڪئي ويئي آهي هن چيو ته اسان صفائي وارو مسئلو تمام جلد حل ڪري وٺنداسون هن شهر ۾ اسٽريٽ لائٽون پڻ جلد لڳائي شهر کي روشن ڪرڻ جو اعلان ڪيو ان موقعي تي فوڪل پرسن تنوير رانجهاڻي ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ هئا . 

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں