لاهور (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري اهم معاملي تي گفتگو ڪئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ پنجاب ۾ ٿيندڙ سياسي سرگرمين بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ملڪي سياسي صورتحال سميت صوبائي اسيمبلين جي امڪاني تحليل، پنجاب حڪومت جي تبديلي بابت آپشنز تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ حڪومت جي تبديلي لاءِ سمورن آئيني ۽ قانوني آپشنز تي غور ڪيو پيو وڃي. ذريعن موجب شهباز شريف حمزا شهباز کي اتحادي جماعتن سان مشاورت ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. واضح رهي ته تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان طرفان راولپنڊي جلسي ۾ اسيمبلين مان نڪرڻ جي اعلان کانپوءِ اتحادي حڪومت سرگرم آهي، پي ڊي ايم پنجاب حڪومت کي پنهنجو ايندڙ هدف بڻايو آهي ۽ ان سلسلي ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ٽاسڪ ڏنو ويو آهي. ياد رهي ته ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار پڻ گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن ۾ راولپنڊي جلسي ۾ عمران خان جي اسيمبلين مان استعيفيٰ جي اعلان تي پنجاب حڪومت جي تبديلي سميت مختلف آپشنز تي غور ڪيو ويو. ذريعن موجب نواز شريف سميت ٻين اتحادين پنجاب حڪومت جي حوالي سان ڪم آصف علي زرداري تي ڇڏي ڏنو آهي.
