لاهور (بيورو) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبلي ٽوڙڻ جو ٺهراءُ منظور ڪيو ويو آهي. اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبلين تان استعيفيٰ بابت مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس کانپوءِ لاهور زمان پارڪ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبلي ٽوڙڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. هن چيو ته عمران خان جمعي تي پارلياماني پارٽي جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. فواد چوڌري چيو ته اڄ عمران خان خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، سڀاڻي هو پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي سان ڳالهائيندو، اڄ پارلياماني بورڊز جوڙڻ جو ڪم جاري آهي، ٽڪيٽن لاءِ عمل شروع ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته جمعي تي پنجاب جي پارلياماني پارٽي ۽ ڇنڇر تي خيبرپختونخواهه جو اجلاس سڏايو ويو آهي، ٻنهي اجلاسن کانپوءِ اهي اسيمبليون ٽوڙي وينديون. لاهور ۾ ٿيندڙ مشاورتي اجلاس ۾ اسد عمر، شاهه محمود قريشي، فواد چوڌري، محمود خان، عثمان بوزدار، سبطين خان ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. بابر اعواڻ ۽ بئريسٽر علي ظفر اجلاس کي بريفنگ ڏيندي اسيمبليون ٽوڙڻ تي آئيني ۽ قانوني رُخن کان آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ راءِ ڏني وئي ته استعيفائون ڏنيوسين ته حڪومت لڏي ويندي. ڪجهه ميمبرن چيو ته موجوده وڏا وزير ئي نگران سيٽ تائين برقرار رهن، نگران سيٽ اپ لاءِ حڪومت، اپوزيشن کي گڏجي فيصلو ڪرڻو پوندو، سيٽ اپ تي اتفاق نه ٿيو ته اليڪشن ڪميشن فيصلو ڪندي. اجلاس ۾ موجود ميمبرن جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن کي اختيار ملڻ سان پي ڊي ايم کي فائدو ٿيندو. اجلاس ۾ ميمبرن جي اڪثريت اسيمبليون ٽوڙڻ جي تجويز ڏني، ڪي پي جي وڏي وزير محمود خان چيو ته چيئرمين جي فيصلي تي عمل ٿيندو. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان موجوده صورتحال تي وڌيڪ مشاورت جو فيصلو ڪيو، پرويز الاهي ۽ مونس الاهي کي به اعتماد ۾ وٺڻ تي اتفاق ڪيو ويو، اجلاس ۾ حتمي فيصلي جو اختيار عمران خان کي ڏنو ويو. فواد چوڌري چيو ته اسان جي استعيفائن سان 64 سيڪڙو سيٽون خالي ٿي وينديون. پاڪستان ۾ 64 سيڪڙو سيٽن تي چونڊون ڪرائڻيون پونديون. فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته هي چونڊن طرف نه ويندا، اسان کين گهلي چونڊن ڏانهن وٺي وينداسين، صوبائي اسيمبلين ۾ عدم اعتماد جي تحريڪ اچي وئي ته ان سان فرق نه پوندو، صوبائي اسيمبلين تان استعيفائن جو فيصلو اربع يا خميس تائين ٿي ويندو.
