پڊعيدن(ن س) پڊعيدن ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ ايريگيشن عملي جي ملازمن جو ايس ڊي او ايريگيشن ذوالفقار کوسو جي ناجائزين پگهارون ڪٽڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ خلاف نصرت ڪئنال کان ريلوي روڊ نيشنل پريس ڪلب پڊعيدن تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي صدر امام بخش سيال،جنرل سيڪريٽري محمد عثمان ڏاهري احمد خان چانڊيو گدا حسين شفي محمد راڄپر نثار کوکر رسول بخش ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي سن ڪوٽا ڏني وڃي ۽ ناجائزيون بند ڪيو وڃن بند پيل پگهارون ڏنيون وڃن،آفيس اسٽاپ کي ورديون ڏنيون وڃن ۽ ايس ڊي او ايريگيشن ذوالفقار کوسو کي هٽايو وڃي اسان مزدورن ۽ ملازمن مان جيڪو به پنهنجو حق گهري ٿو ان تي ڪوڙا ڪيس ڪيا ٿا وڃن ۽ هيسايو ٿو وڃي هنن چيو ت ،ذوالفقار کوسو اٺن سالن کان وٺي هتي مقرر ٿيل آھي جنهن ايريگيشن جي ڀينگ ڪري ڇڏي آھي،ايريگيشن جا ووٽ کپائي ڇڏيا اٿئين ڪيترائي ملازم ويزا تي موڪلي ڇڏيا آھن جن کان هر مهيني هزارين رپيا وٺي ٿو ۽ ڪرپشن ڪري ٿو مظاهرين احتجاج ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ادي فريال ٽالپر، وڏي وزير سيد مراد علي شاه آبپاشي وزير ۽ مختلف ادارن کان گهر ٿا ڪيون ته اسان جا جائز مطالبا مڃيا وڃن ۽ ايس ڊي او ايريگيشن ذوالفقار کوسو جي انڪوائري ڪرائي وڃي جنهن ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪئي آھي ۽ مختلف جڳهين تي ڪرپشن جي پئسن مان بنگلا ٺهرايا آھن.
