ڪنب(ن س) ڪنب لڳ ڳوٺ ڌڻي بخش شيخ واسي فوت ٿي ويل ظفر شيخ جي وارثن امڙ مسمات عنايتان خاتون ، امام ڏنو، جعفر شيخ، بھادر شيخ ۽ ٻين پريس ڪلب ڪنب آڏو احتجاج ڪيو احتجاج ڪندي فوتي جي ڀاء جعفر شيخ چيو ته ڇھ ڏينھن اڳ ڀاء ظفر شيخ مٿان زمين جي معاملي تان جوابدارن ڦوٽل ڳاھو، جعفر ڳاھو ۽ ٻين حملو ڪري زخمي ڪيو ھو جنھن بعد هو زخمن جي سٽ نه سهندي چار ڏينھن اڳ فوت ٿي ويو هن چيو ته ڀاء کي قتل ڪيو ويو آھي پوليس اسانجي ان سلسلي ۾ ڪابه مدد نٿي ڪري لاش پوسٽ مارٽم به ڪرايو ويو ھو پر ھن وقت الٽو جوابدار اسانکي ڌمڪائي رھيا آھن فوتي نوجوان جي امڙ مسمات عنايتان خاتون چيو ته نوجوان پٽ کي قتل ڪيو ويو آھي چار ڏينھن گذرڻ باوجود پوليس اسانجي فرياد نٿي وٺي، جوابدارن مان خطرو آھي هنن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي۔
