راولپنڊي (م ڊ) جنرل آصف منير پاڪ فوج جي 17 هين سربراهه طور ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن. جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ پاڪ فوج جي ڪمان جي تبديلي جي پروقار تقريب ٿي جنهن ۾ پاڪ فوج ۾ ڪمان جي تبديلي جي تقريب جي ايڇ ڪيو ۾ ٿي، جنهن جو خاص مهمان رٽائرڊ ٿيندڙ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا هو. تقريب ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، هٿياربند فوج جي سربراهن، سينيئر حاضر سروس ۽ رٽائرڊ فوجي آفيسرن، سندن فيمليز کانسواءِ وفاقي سيڪريٽريز پڻ شريڪ ٿيا. ان کانسواءِ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار ۽ سڌ سماءُ واري وزير مريم اورنگزيب پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. تقريب جي شروعات ۾ پاڪ فوج جي رٽائرڊ ٿيندڙ سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا ۽ نئين آرمي چيف جنرل عاصم منير پھرين شھيدن جي يادگار تي حاضري ڏني، جتي شھيدن جي يادگار تي گل چاڙھيا ۽ شھيدن جي مغفرت لاءِ دعا گھري، انکانسواءِ پاڪ فوج جي بينڊز قومي تراني ۽ ملي نغمن جون ڌنون پيش ڪيون ۽ قومي پرچم کي سلامي ڏني وئي. تقريب جي خاص مهمان جنرل قمر جاويد باجوا جي جنرل عاصم منير سان گڏ پنڊال آمد تي گارڊز کين سلامتي ڏني جنهن کانپوءِ ڪلام پاڪ جي تلاوت سان تقريب جي شروعات ڪئي وئي جنهن کانپوءِ قمر جاويد باجوا کي الوداعي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو . رٽائرڊ ٿيندڙ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا آرمي ڪمان جي علامت سمجهي ويندڙ ملاڪا اسٽِڪ اعزازي شمشير جنرل سيد عاصم منير جي حوالي ڪئي ۽ کيس ڀاڪر پائي مبارڪباد ڏني. فوج جي ڪمان سنڀالڻ کانپوءِ جنرل عاصم منير پاڪ فوج جي 17 هين سربراهه هئڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو.
