دادو(رپورٽ:علي گوھر سومرو) دادو شهر جي عزيز آباد ڪالوني ۾ 6 ڏھاڙا اڳ قتل ڪيل فرحانه جي واقعي ۾ نامزد جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتولا جي وارثن جو احتجاجي مظاھرو ڌرڻو، دادو لڳ ڳوٺ حافظ عرض محمد کوسو جي رھواسي چنا برادري پاران ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي فرحانه جي ماءُ بيوھ شبانه زال ارباب چنہ جي اڳواڻي ۾ وارثن الطاف، اختيار، مختيار، وڏي انگ ۾ عورتن ڀيڻ فرزانہ، ريحانہ، ممتاز، رخسانہ، حسينہ، حميدہ، رحيمان ۽ ٻين سان گڏ. دادو پريس ڪلب آڏو قاتلن ۽ دادو پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪري 2 ڪلاڪ مک ڪچھري روڊ شھري ٽريفڪ لاءِ بند ڪري ڌرڻو هنيو، مظاھرين دانھيو تہ مقتولا فرحانه چورن جي فائرنگ ۾ نه پر کيس پٽ جو اولاد نہ ٿيڻ ڪري گھٽا ڏئي ماري پوءِ کيس گولي ھنئي وئي آھي، سندس قتل ۾ سس زرينہ نڻانن سويرہ، حنا، ماروي، ثناءُ،عمران، مڙس اسد علي ابڙو، سھرو علي بخش ابڙو سندس گهر ڀاتين گڏجي قتل ڪيو آهي، سڀ گھر ڀاتي ملوث آھن پوليس ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايل جوابدار گرفتار نه ٿي ڪري، ھنن چيف جسٽس ھاءِ ڪورٽ، سيشن جج دادو، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي دادو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪري ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.
