سياري جي موسم ۽ برسات متاثرن جا اھنج

قاسم خاصخيلي
گذريل آگسٽ ڌاري سنڌ ۾ تباهي آڻيندڙ برساتن کي ٽن مھينن جو وقت گذري چڪو آھي پر اڪثر علائقن ۾ اڃان تائين رواني واري زندگي معمول تي اچي نہ سگھي آھي، نه ئي وري مڪمل طور تي بي گھر ٿيل ماڻھو واپس پنھنجي اجھن ۾ موٽي سگهيا آھن، ان جا ڪيترائي سبب ٿي سگھن ٿا پر هن وقت تائين برساتن ۽ ان جي نتيجي ۾ آيل ٻوڏ سبب بي گھر ٿيندڙ ماڻھن توڙي جو پنھنجو الھ تلھ اکين سان تباھ ٿيندي ڏٺو ۽ ان سان گڏ ڪيترن ئي علائقن ۾ پنهنجن پيارن کي زندگي جي بازي بہ هارائيندي بي وسي سان ڏٺو هوندو پر هو ڪجھ ڪري نہ سگھيا، اهو بہ هڪ الڳ بحث آھي تہ روڊ رستن سميت زرعي زمينن تي تاحد نگاھ پاڻي جي بيٺل هجڻ سبب ايندڙ چيٽ جو فصل بہ ڪيترن ئي علائقن ۾ ٿيندي نظر نہ پيو اچي ائين لڳي ٿو تہ هي برسات جي صورت ۾ آيل آفت ڪا هڪ ڏينھن يا هڪ مھيني جي نہ هئي پر ان جي آفٽر شاڪس يعني ان برساتن کان پوء جون مصيبتون انهن ڏکن ۾ ورتل ماڻھن لاء اڃان بہ گھٽ ٿيڻ بجاء تڪليفون وڌنديون رهن ٿيون، برساتن کان پوء مڇرن ۽ زهريلن جيتن نانگ بلائن جي آزمائشن ۽ بيمارين جي ڌٻڻ مان اڃان سنڌ جا برسات متاثر مسڪين ماڻھو نڪري ئي نہ سگھيا آھن تہ مٿان وري هاڻ سيارو بہ هنن ستايل انسانن جي مصيبتن ۾ واڌارو ڪرڻ لاء پنھنجا پر پکيڙي رهيو آھي، نومبرسال جو يارهون مھينو آھي جيڪو پنھنجي پڄاڻيءَ ڏانھن ڊوڙي ڊسمبر جي سرد راتين کي سلامي ڏيڻ لاء آتو نظر اچي رهيو آھي، جڏهن تہ مصيبت زده انسان جيڪي سنڌ جي ڪيترن ئي ٻھراڙي وارن علائقن ۾ اڄ بہ ٽن مھينن کان اڪثر علائقن ۾ بي يارو مددگار ڪنھن مسيحا جا منتظر نظر اچي رهيا آھن، اهي هن وقت وڌيڪ ذھني ڪرڀ وار زندگي جي رهيا آھن، جڏهن برساتن جي تازي تباهي ٿي هئي تہ سنڌ توڙي وفاقي حڪومتن جي بحالي وارن اعلانن سميت سماجي تنظيمن ۽ انسان دوست ڪردارن سرندي آھر ۽ پنھنجي طور طريقي سان همدردي جو اظھار ڪندي ڪافي علائقن ۾ پھچي متاثرن جي پرگھور لڌي ۽ ڪٿي تہ ڪير پھچي بہ سگھيو، هاڻ جڏهن ان برساتن جي تباهين کي ڪجھ وقت گذري ويو آھي تہ اهي متاثر ماڻھو جيڪي اڳئي بي وسي جي عالم ۾ زندگي گذاريندڙ آھن انھن ماڻھن جي سار لھڻ وارو سلسلو بہ ختم ٿيندي نظر اچي رهيو آھي، هتي هڪ سوال اهو به جنم وٺي ٿو تہ ڇا سنڌ ۾ جيتري قدر تباهي ٿي آھي ۽ جيترا ماڻھو متاثر يا بي گھر ٿيا مال متاع مري ويو الھ ختم ختم ٿي ويو هو انھن جا اھنج گھٽ ٿيا آھن يا اهي اڃان تائين جيئن جو تيئن موجود آھن، ان ڳالھ کي سوچي ڪري متاثرين کي هن موقعي تي سياري جي ايندڙ سخت آزمائش ۽ سنڌ ۾ پوندڙ موت مار سيء کي مدنظر رکندي هڪ ڀيرو ٻيھر سرندي وارن ماڻھن سميت سماجي تنظيمن، خاص ڪري سنڌ حڪومت کي گھرجي تہ متاثرن جي تڪليفن کي محسوس ڪندي سندن لاءِ ڪا اھڙي جامع پاليسي جوڙي وڃي تہ جيئن هو ايندڙ سردي واري مشڪل صورتحال کي منھن ڏئي سگھجن، برساتن توڙي ٻوڏ جي تباهڪارين ۾ پنهنجا گھر گھاٽ، پنهنجا پيارا ۽ زندگي گذارڻ لاء معاشي طور گڏ ڪيل پنھنجي پونجي ۽ مال متاع وڃائيندڙ سنڌ واسين جي بھتر نموني سان جامع پاليسي وسيلي هلندڙ سخت سردي واري موسم ۾ جلد کان جلد انھن تائين پھچي گھڻو نہ تہ ٿورو ئي سھي پر ڀرجھلو ٿي مدد کي يقيني بنائي کين سندن ٻچڙن جي سر بچائڻ وارن الڪن کان آزاد ڪرائڻ ۾ انھن جو ٻانھن ٻيلي ٿي پئجي، هن موقعي جي مناسبت سان سنڌ حڪومت تي بہ هڪ ذميواري اچي ٿي تہ پنھنجي صوبي جي ماڻھن جي ڀلائي لاء ھيٺيئن سطح تي ريليف ڪاميٽيون قائم ڪري ڊپٽي ڪمشنرز، اسسٽنٽ ڪمشنرز کي حڪمناما جاري ڪيا وڃن ۽ سنڌ ۾ جتي پھرئين مرحلي جي اليڪشن ۾ بلدياتي نمائيندا چونڊيا ويا هئا انھن معرفت بنا فرق ۽ بنا ڪنھن سياسي سفارش جي فوري طور مسڪين ماڻھن کي ڪمبل رضايون جيڪٽس ٻارڙن لاء دوائون ۽ ٻيو ضرورت جو سامان مھيا ڪرائي ڏنو وڃي تہ جيئن سنڌ ۾ پوندڙ ڊسمبر ۽ جنوري جي سخت سرديءَ جي موسم ۾ ڪيتريون ئي انساني جانيون بچي سگھن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں