سکر ۾ “موسمي تبديلي جا تعليم تي اثر ۽ اسان جو معاشرتي ڪردار” جي موضوع تي سيمينار منعقد ڪيو ويو

سکر( بيورورپورٽ ) سکر جي مقامي ھوٽل ۾ موسمي تبديلي جا تعليم تي اثر ۽ اسان جو معاشرتي ڪردار جي موضوع تي سيمينار ۾ ميڊم ايمن بابر ۽ انورمھر ٻڌايو ته تازين برساتي ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ 30 بلين جو معاشي نقصان ٿيو آھي. موسمي تبديلي سبب چار ملين ٻار اسڪول نه پھچي سگھيا آھن,جڏھن ته ڪرونا وبا دوران 222 ملين ڇوڪريون ڊجيٽل آن لائن کان پري ٿي ويون. تازين برساتن سبب ڳوٺ، فصل اسڪول تباھ ٿي ويا آھن.تباھي سبب ٻھراڙين ۾ غريب امير ھڪ ٿي ويا آھن، هن وقت اسان سڀني کي گڏجي متاثرن جي معاشرتي حالت سڌارڻ لاءِ ۽ پريشانيون گهٽ ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ورڪشاپ ناري فائونڊيشن سکر،حوا فائونڊيشن گھوٽڪي طرفان پاڪستان ڪوليشن فارايجوڪيشن جي گڏيل سھڪار سان ٿيو. سيمينار ۾ پيج ( PAGE) جي ميمبرن ۽ پي سي اي (PCE) طرفان ميڊم ايمن بابر، سيد فھد حسين، ناري فائونڊيشن جي چيئرپرسن افشان اصغر ،ماروي رورل ڊولپمنٽ آرگنائزيشن جي سائرا سلمان، ھوا فائونڊيشن جي غلام نبي، الک آرگنائيزيشن جي شبير گبول، لوڪل گورنمينٽ جي شعور جوڻيجو ،ساحل جي صوبائي ڪوآرڊينٽر برڪت انصاري، چائلڊ پروٽيڪشن يونٽ سکر جي آفيسر زبيرمھر،ناري فائونڊيشن جي ايجوڪيشن پروگرام آفيسر شازيه عباسي، شڪيلا ڪنول، سائراڀٽي،خالد ٻانڀڻ، معذور افراد جي اڳواڻ عرفان ڀٽي شرڪت ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں