سڪرنڊ(ن س) شهيد بينظير ڀٽو وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ اڄ ٻئي ڏينهن به مطالبن جي مڃتا لاءِ سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل ۽ سپاف طرفان يونيورسٽي جي مين گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. جنهن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين سرفراز سنڌي، اي ڪي بلوچ، عبدالخالق عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سخت نعريبازي ڪندي مطالبو ڪيو ته يونيورسٽي انتظاميا شاگردن جا مسئلا حل نه پئي ڪري، هاسٽل ۾ بجلي ۽ پاڻي جي شديد کوٽ آهي. اسٽڊي ٽوئر نٿا ڪرايا وڃن، مناسب حفاظتي اقدام نه هئڻ سبب شاگرد پاڻ کي غير محفوظ تصور ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته جيستائين شاگردن جا جائز مسئلا حل نه ٿيندا احتجاج جاري رهندو ۽ ڪنهن به نا انصافيءَ کي تسليم نه ڪيو ويندو. هنن اعلان ڪندي چيو ته مسئلا حل ٿيڻ تائين احتجاج جاري رهندو.
