شاهه جي مشين ۾ چورين جي ڌُم متل، هڪ ئي رات 2 چوريون

شاھ جي مشين( رپورٽ:غلام باقر سولنگي) شاھ جي مشين مان اڻڄاتل چورن گدا حسين راڄپر جي ڪرياني جي دوڪان جي ڇت پٽي چانھ جي پتي،سگريٽ،صابڻ ،کنڊ۽ ٻيو قيمتي سامان ھزارين روپين جو چوري ڪري ويا ۽ نامعلوم چورن السادات گرامر اسڪول جي ديوار کي کاٽ هڻي اسڪول جي ڪمرن جا تالا ٽوڙي  بجلي وارا پکا ۽ قيمتي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا اسڪول جي ايڊمنسٽريٽر سيد مھدي شاھ ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيوته پوليس جي غيرموجودگي جون ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪيون پر اسان جي ڪنھن بہ نه ٻڌي آھي چورن اسڪول کي به بخشيو آهي ھن ايس پي خيرپور کان ازخود نوٽيس وٺڻ جي گھر ڪئي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں