لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ ليگل ايڊ سوسائٽي جي ڪميونٽي نيٽ ورڪ فار چائلڊ پروٽيڪشن ۽ جينڊر بيسڊ وائيلنس پروجيڪٽ جو اجلاس مقامي هوٽل ۾ ڪوآرڊينيٽر فياض حسين سانگي جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ پيرا ليگل اسٽاف، ميڊيا، خواجه سرائن، اقليتي نمائندن، پوليس، منارٽي ڊپارٽمينٽ، رورل ڊولپمينٽ، وومين ڊولپمينٽ ۽ وومين ۽ چائلڊ پروٽيڪشن سيل جي انچارج ميدم نغمه مزاري شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊي آءِ جي آفيس ۾ قائم وومين ۽ چائلڊ پروٽيڪشن سيل جي انچارج نغمه مزاري چيو ته 18 سالن کان گهٽ عمر ۾ شادي نه ٿي ڪري سگهجي، ارلي چائلڊ ميريج قانون ۾ ڏوهه آهي، 18 سالن جي هندو ڇوڪري مرضي جي مالڪ آهي اها مسلمان سان شادي ڪري ٿي ته اها ان جي مرضي آهي. هن چيو ته اسان اهڙين ڇوڪرين کي تحفظ ڏينداسين جن جي ننڍي عمر ۾ شادي ڪرائي وڃي ٿي. هن چيو ته لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ سال دوران عورتن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ 600 ايف آءِ آر داخل ڪيون آهن. ايس ايس پي آفيس جي وومين ۽ چائلڊ پروٽيڪشن سيل جي انچارج سميرا بلوچ پڻ سينٽر پاران عورتن کي تحفظ ڏيڻ بابت آگاهي ڏني. اقليتي نمائندي سهيل مسيح چيو ته اقليتن جا مسئلا وڌي ويا آهن پر ڪير حل نه ٿو ڪري. هن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ تقريبن زبردستي مذهب تبديل ڪرڻ جا واقعا پيش آيا آهن. اجلاس ۾ تشڪيل حيدر، امير علي ابڙو، ميڊم شمع ڪولاچي، سيد نديم علي، مس بدري،عابد عباسي پيراليگل عورتن ۽ مردن شرڪت ڪئي.
