ملير(ڊ.ر) ملير جي علائقي شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي جي حد قومي شاهراهه لڳ قائم قديمي ڳوٺن عارب پنهور، يوسف عارفاڻي ڳوٺ ۽ ٻين ڳوٺن کي ايم ڊي اي پاران قبضو ڄاڻائي آپريشن ڪرڻ لاءِ ايم ڊي اي عملدارن , روينيو , ضلع پوليس ۽ اينٽي انڪروجمنٽ پوليس جي وڏن اٽالن ۽ ٻين ادارن جي عملدارن سان گڏ ملير جي قديمي ڳوٺن يوسف عارفاڻي، عارب پنهور ۽ ٻين ڳوٺن کي ڊاھڻ لاء هيوي مشينري سان گڏ گهرن کي ڊاهڻ شروع ڪري ڏنو، ڪيترائي گهر، دڪانون ۽ واڙن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو، انهي دوران ڪاروائي جي اطلاع تي عارب پنهور، يوسف عارفاڻي ڳوٺ ۽ ٻين ڳوٺن جا هزارين رهواسي عورتن ۽ ٻارن سان گڏ گهرن کان ٻاهر نڪري آيا، عورتون ۽ معصوم ٻار هيوي مشينري آڏو سخت احتجاج ڪندي ويهي رهيا، عورتن ۽ ٻارن پاران پهريان اسان کي ماريو پوءِ گهر ڊاهيو جي نعريبازي ڪئي، سخت عوامي رد عمل سبب انتظاميا وڌيڪ گهر ڊاهي نه سگهي، جڏهن ته گهرن کي ڊاهڻ خلاف هزارين ڳوٺاڻن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڳوٺاڻن انتظاميا ۽ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي انتظاميا پاران قديم ڳوٺن کي ڊاهڻ ۽ ڳوٺاڻن پاران سخت احتجاج ڪرڻ جي اطلاع تي وڏي وزير جو خاص مددگار سلمان عبدالله مراد پهچي ڪري ڳوٺاڻن سان ملاقات ڪرڻ بعد انتظاميا سان ڳالهيون ڪيون، انتظاميا پاران عدالتي حڪم تي ڪاروائي ڪرڻ سبب ڪاروائي کي روڪڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن بعد ڳوٺن جي معززين ۽ انتظاميا ۾ ڳالهيون ڊيڊ لاڪ جو شڪار ٿي ويون، ڪجهه دير جي وقفي بعد انتظاميا پاران هڪ ڀيرو ٻيهر ڪاروائي ڪندي گهرن کي ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي سوين ڳوٺاڻا سخت احتجاج ڪندي مشينري آڏو ويهي رهيا انتظاميا پاران سخت عوامي رد عمل سبب وڌيڪ ڪاروائي نه ڪري سگهي، ان موقعي تي ڳوٺاڻن ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته اسان صدين کان هتي آباد آهيون، اسان جا ڳوٺ ليز ٿيل آهن سنڌ حڪومت جي پاران مالڪاڻا حقوق جون سندون پڻ مليل آهن ان جي باوجود اسان جي پنهنجي حڪومت ۾ اسان جا اجها ڊاٿا پيا وڃن،انتظاميا بنا جواز ڪاروائي ڪري ظلم ۽ ناانصافي ڪئي آهي اهو ڪٿان جو انصاف آهي صدين کان ويٺل ماڻهن کي پنهنجي اباڻي ڪکن کان محروم ڪيو پيو وڃي،ڳوٺاڻن چيو ته اسانجا ڳوٺ انگريزن جي دور کان به اڳ جا آهن، ايم ڊي اي جو وجود 1996 ۾ ٿيو آهي ان باوجود ايم ڊي اي ۽ ٻيا ادارا ڳوٺن تي ڪاهه ڪري ظلم ۽ زيادتي ڪئي آهي، ڳوٺاڻن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کي اپيل ڪئي ته اسان جي قديمي ڳوٺن کي ڊاهڻ واري واقعي جو نوٽس ورتو وڃي، اسان صدين کان هتي آباد آهيون، انتظاميا عدالت جو جواز بڻائي اسان جي ڳوٺن تي چڙهائي ڪئي آهي، اسين عدالت کي گذارش ڪيون ٿا ته اسان جو به موقف ٻڌو وڃي هڪ طرفي ڪاروائي نه ڪئي وڃي، انصاف جي تقاضن کي پورو ڪندي جاچ ڪميٽي جوڙي اسان سان انصاف ڪيو وڃي،
