ميرپور ماٿيلو(ن س) سرد موسم اچڻ شرط ئي ميرپور ماٿيلو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گئس انتظاميا پاران روزاني بنياد تي جاري پندرهن پندرهن ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ سبب گھريلو صارفين شديد مشڪلات جو شڪار ٿي ويا آھن ان سلسلي۾ گزريل ڏينھن نوجوان اتحاد پاران ڊي ايڇ ڪيو پريس ڪلب ميرپورماٿيلو آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو ان موقعي تي اياز کھاوڙ جنيد جلباڻي ، وقاربوزدار ، نعمان مرڻاس ، ايس يو پي اڳواڻ ڪامريڊ اڪرم ميتلو جسقم اڳواڻ فقير رمضان ڪلوڙ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته گھوٽڪي ضلعي ۾ گيس جون وڏيون فيڪٽريون ھجڻ باوجود پوء بہ گھوٽڪي ضلعي ۾ گيس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي جيڪا ناانصافي آهي ھنن مطالبو ڪندي گھر ڪئي آهي ته فوري طور تي گھوٽڪي ضلعي اندر هٿرادو لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو..
