نوابشاهه(ڊ ر) پاپوليشن کاتي شھيد بينظيرآباد جي سوشل ميل موبلائيزر پاران ٽيزري کان وڌيل پگھار جاري نه ڪرڻ ۽ پاپوليشن اڪائونٽ آفيسر علي شير لنڊ خلاف ضلعي صدر امجد بروھي، عبدالعزيز بروهي، سميع احمد بگھيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاھران احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته اسان کي سنڌ هائي ڪورٽ سينارٽي 25 مارچ 2013 کان ڏيئي چڪي آهي جنهن ۾ سنڌ جا 29 ضلعا آهن جيڪا هر مهينو في ميل موبلائيزر ساڍا پنج هزار اضافي پگھار کڻن پيا ليڪن اسان نواب شاهه جي ملازمن کي ٽريزري وارا ۽ پاپوليشن اڪائونٽ آفيسر علي شير لنڊ رلائن ٿا ۽ اسان جو جائر ڪم به نٿا ڪن ۽ اسان کي صرف آسرا ڏنا وڃن ٿا جنھن ۾ اسان جو ڪافي نقصان ٿيو آھي، ھنن مطالبو ڪيو ته ٽريزري آفيسرن ۽ علي شير لنڊ خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسان کي وڌيل پگھار ڏني وڃي ۽ اسان جا جائز مسئلا حل ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.
