وزيراعظم سنڌ جي پينشرن کي به انصاف ڏياري..!

پروفيسر ڊاڪٽر بدر سومرو
اوھان طرفان اپريل 2022ع ۾ وزير اعظم طور اعلانيل 10 سيڪڙو ملڪ جي پينشنرن لاءِ چيو، پر سنڌ جا ڇھ لک ملازم ان سھوليت کان محروم آھن. 1 کان 22 گريڊ تائين پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪرڻ کان سنڌ حڪومت انڪار ڪري ٿي. اھا 10 سيڪڙو پينشن بحال ڪرائي سنڌ جي پينشنرن کي انصاف ڏنو وڃي. سڀ کان پھريان اوھان کي وزيراعظم ٿيڻ جون مبارڪون پيش ڪريان ٿو. مھرباني ڪري ياد ڏياريندس ته پنھنجي ملاقات جيڪا 2010ع تي لاهور ۾ ٿي ھئي، جڏھن اوھان پنجاب جا چيف منسٽر ھئا. سنڌ جي ڏاھن ۽ صحافين جي ھڪ وفد جي نه رڳو آجيان ڪئي پر انھن ملاقات جو ڀرپور وقت ڏنو. ملڪ جي صوبن جي لاڳاپن ۽ ماڻھن جي ھم آھنگي بابت تفصيلي گفتگو ڪئي ھئي. ان ۾ صوبن اندر انساني حقن جي صورتحال سان گڏوگڏ سماجي ترقي، اظھار جي آزادي، جمھوريت جي واڌ ويجھ ۽ ڌرتيءَ جي ٻولين ۽ ثقافتن جي تحفظ، واڌاري ۽ ترقي بابت کلي ڳالھايو ھو. سائين اوھان جڏھن ملڪ جي وزيراعظم جو عھدو سنڀاليو ته عوامي ڀلائي ۽ بھتريءَ لاءِ جيڪي اعلان ڪيا، ان ۾ ھڪ اعلان ملڪ جي پينشنرن لاءِ پينشن ۾ 10 سيڪڙو اضافي جو اعلان به ڪيو ھو، جنھن کي ملڪي سطح تي ڏاڍو ساراھيو ويو. اوھان اھو اعلان 10 اپريل 2022ع تي ڪيو ھو. پوءِ فنانس ڊويزن حڪومت پاڪستان جي سرڪيولر نمبر 488 /2022 /6. Register 4.F تحت اوھان جي اعلانيل پينشن ۾ جيڪا 10 سيڪڙو جو اعلان ٿيل پھرين اپريل 2022ع کان ڏيڻ جو آرڊر جاري ڪيو ھو ۽ ان کانپوءِ قومي بجيٽ ۾ پينشنرن کي 5 سيڪڙو واڌ ڏني، جيڪا پڻ ھڪ جولاءِ 2022ع کان ڏيڻ جو اعلان به ڪيو ۽ پينشنرن کي 15 سيڪڙو ملڻ شروع ٿي ويو. جناب اعليٰ پاڪستان جي ٽن صوبن پنجاب، خيبر پختونخواهه، بلوچستان ۽ اسالم آباد گاديءَ جي ھنڌ جا رٽائرڊ پينشنر ھڪ کان 22 گريڊ وارا 15 سيڪڙو پينشن کڻي رھيا آھن، نھايت افسوس سان ٻڌائڻو ٿو پوي ته صرف سنڌ صوبي ۾ پينشنرن کي اوھان جي وزيراعظم طور اعلان ڪيل 10 سيڪڙو پينشن ۾ واڌاري کان مسلسل محروم ڪيو ويو آھي ۽ سنڌ جا ڇھ لک پينشنر 10 سيڪڙو واڌ کان ڄاڻي واڻي محروم ڪيا ويا آھن. سنڌ جا پينشنر سخت پريشانيءَ واري حالت، ان متڀيد واري سنڌ حڪومت جي رويي کان شديد مايوس آھن ۽ غير انساني ۽ ھقت آميز ۽ عمر رسيده پينشنرن سان مزاق برابر آھي. سنڌ جا ماڻھو عام طور ۽ خاص طور پينشنر اوھان جي سنڌ واري ان دوري کي نھايت قدر سان ڏسن ٿا، ان سلسلي ۾ اوھين سنڌ ۾ مينھن ۽ ٻوڏ سان آيل تباھين جي ڏک ونڊڻ واي عمل کي قدر جي نگاھ سان ڏسن ٿا. جناب اعليٰ وڏا وڙ ٿيندا جو اوھان سنڌ جي پينشنرن سان ٿيل ناانصافين جو نوٽيس وٺندا ۽ سنڌ حڪومت کي خاص طور حڪم نامو جاري ڪندا ته عمر رسيده پينشنرن کي اوھان جي طرفان اپريل 2022ع ۾ اعلان ڪيل پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌارو 1 اپريل 2022ع کان ڏيڻ جو اعلان ڪري ۽ رھتون جاري ڪيون وڃن. ان سان ملڪي سطح جي ماڻھن ۾ ڀائيچاري ۽ ھم آھنگي وارا رويا مضبوط ٿيندا. سنڌ صوبي جا لکين رٽائر پينشنر اوھان جي حڪم ۽ اعلان جو لاڀ حاصل ڪري سگھن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں