اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف سان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ملاقات ڪئي آهي. ذريعن موجب ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پي ٽي آءِ طرفان اسيمبليون ٽوڙڻ ۽ ٻين معاملن تي مشاورت ڪئي وئي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ به وزيراعظم شهباز شريف سان آصف علي زرداري جي ملاقات ٿي هئي.
