ڄامشورو (پ ر) ڏکڻ ڪوريا جي ڪراچيءَ ۾ قونصل جنرل ڪِم هاڪسنگ چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڪوريا وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي وڌيڪ بهتريءَ لاءِ ڪوششون جاري رهنديون، شاگردن سميت ٻطرفي ايڪسچينج پروگرام تي به ڪم ڪري رهيا آهيون. منهنجي لاءِ بامعنيٰ ڳالهه آهي ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ موجود آهيان ۽ يونيورسٽيءَ جي نوجوان شاگردن سان مخاطب آهيان. سنڌ يونيورسٽيءَ جا شاگرد انتهائي ذهين ۽ متاثر ڪندڙ آهن. گذريل سال ريپبلڪ آف ڪوريا جي في ڪس آمدني 35 هزار آمريڪي ڊالرن کان وڌيڪ رهي، اسان جو ملڪ دنيا جو اٺون وڏو واپاري ملڪ آهي، منهنجي لاءِ عربي سمنڊ جي ڪناري آباد شهر جي وڏي اهميت آهي. ڪراچي ڪاروباري مرڪز هئڻ سبب اسان جي ڌيان جو مرڪز آهي. اهڙو اظهار هن ڪالهه هتي سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي آڊيٽوريم هال ۾ “پاڪستان – ڏکڻ ڪوريا ٻطرفا لاڳاپا: اڳتي وارو رستو” جي سري هيٺ منعقد ڪيل عالمي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هڪ ڏينهن وارو عالمي سيمينار ايريا اسٽڊي سينٽر پاران منعقد ڪيو ويو، جنهن جي صدارت وائيس چانسلر جي نامزد ڪيل سوشل سائنسز فئڪلٽي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر حماد الله ڪاڪيپوٽو ڪئي، جڏهن ته ايريا اسٽڊي سينٽر جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر مڪيش ڪمار کٽواڻي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر غلام مرتضيٰ سيال، ڪوريا جو وائيس قونصل يانگ سيونگ چيول، ايڊمنسٽريٽر آفيسر ڪِم جيوچان، پوليٽيڪل اينڊ پبلڪ افيئرز جو محقق مسعود حسين، ڪراچي يونيورسٽيءَ جي فئڪلٽي آف سوشل سائنسز جو اڳوڻو ڊين پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر مونس احمر، ڊاڪٽر رونق علي بهڻ، ڊاڪٽر عمران نوناري، ماجد علي نوناري، غلام مرتضيٰ کوسو، ڊاڪٽر شجاع احمد مهيسر، هنس راج هنس، ڊاڪٽر عشرت افشان عباسي، ڊاڪٽر نائمه تبسم، ڊاڪٽر نورين نظر سومرو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. پنهنجي خطاب ۾ ڪوريا جي قونصل جنرل ڏکڻ ڪوريا جي ٽن سالن واري جنگ ۾ مڪمل تباهيءَ کان وٺي غربت، بدحاليءَ سميت جديد ڪوريا ۽ ترقيءَ جي سموري سفر تي تفصيل سان روشني وڌي. هن چيو ته هو پنهنجي سفارتي ڪيريئر دوران جتي به رهيو، اتان جي ملڪ ۽ ڪوريا وچ ۾ بهتر لاڳاپن لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو، جڏهن ته هو پاڪستان ۽ ڪوريا وچ ۾ پڻ بهترين ۽ دوستاڻا لاڳاپا وڌيڪ گهرا بنائڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهيو آهي. هن چيو ته 1950ع کان 1953ع تائين ٽن سالن جي جنگ دوران ڪوريا مڪمل طور تباهه ٿي چڪو هو ۽ 1960ع ۾ سندس ملڪ غريب ترين ملڪن ۾ شامل هو ۽ ان وقت ڪوريا جي في ڪس آمدني 150 ڊالر هئي. اڄ ڪوريا ترقي يافته ملڪ آهي ۽ تعليم ئي معيشت، ترقي، خوشحالي ۽ سائنس توڙي ٽيڪنالاجي ۾ اڳتي وڌڻ ۽ ڪاميابيءَ جو اصل راز آهي. هن چيو ته اعليٰ تعليم جي حاصلات ۽ مقصد سان سچائيءَ واري جذبي سبب ملڪ ترقي ڪئي، ڪوريا جي ترقي ڪو معجزو ناهي، پر اها سچي لگن، محنت، عزم، ويزن ۽ تعليم جي جذبي يا بخار جو عڪاسي ڪري ٿي. تعليم جو جذبو اسان جي معاشي ڪاميابيءَ جي ڪهاڻيءَ جو محرڪ هو. هن چيو ته 1960ع کان پوءِ غربت ايتري ته ڏکوئيندڙ هئي جو اها بيان نٿي ڪري سگهجي. سمورن اسڪولن جون عمارتون تباهه ٿيل هيون، پر عارضي تنبن جي هيٺ روڊن تي تعليم جو سلسلو سڄي ملڪ ۾ بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي جاري رهيو. اهوئي اسان جي ڪاميابي ۽ خوشحاليءَ جي شروعات ۽ ضمانت هئي. تعليم واري جذبي ۽ پنهنجي بچپن واري زندگيءَ تي ڳالهائيندي هن چيو ته هو ڪوريا جي ڏاکڻين علاقي جي هڪ ٻيٽ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد هڪ غريب ماهيگير ۽ ڪڙمي هو. سندن والدين وٽ معاش جا محدود ذريعا هئا. هن چيو ته هيءُ اهو وقت هو جڏهن ڪوريا ۾ رهڻ جون حالتون انتهائي پريشان ڪندڙ هيون ۽ هر طرف غربت جو راڄ قائم هو. هن چيو ته سندس ماءُ ڪڏهن ڪڏهن ضرورت جون شيون خريدڻ کليل مارڪيٽ ويندي هئي ۽ هو سڄو ڏينهن والده جي واپسيءَ جو انتظار ڪندو هو ۽ کيس اهو اوسيئڙو هو ته ماءُ جي واپس ورڻ تي کيس ڪجهه کائڻ لاءِ ملندو، پر سندس امنگن جي ابتڙ سندس والده کيس استعمال شده ميرا ٻارن جي ڪهاڻين وارا ڪتاب آڻي ڏيندي هئي. قونصل جنرل چيو ته سندس والده پنهنجي بکايل پٽ کي کاڌو کارائڻ چاهي پئي پر دل شڪسته رنڊڪن کان پوءِ هن فيصلو ڪيو ته ڪجهه کائڻ بجاءِ ڪنا ڪتاب استعمال ڪرڻ بهر آهي. هن چيو ته سندس ماءُ جو ڪجهه کارائڻ لاءِ خريدڻ بجاءِ ڪتاب فراهم ڪرڻ وارو فيصلو ڪوريا جي خوشحال مستقبل جي شروعات هئي. سندس والده جو اهڙو فيصلو اڄ کيس سنڌ يونيورسٽي وٺي آيو آهي. هن جذبات تي ضبط آڻيندي چيو ته ڪوريا رڪارڊ ٽوڙي ترقيءَ کان پوءِ ثقافتي سپر پاور بڻيو آهي، جنهن جو مثال ميڊيا جا چئنل ڪي پوپ، ڪي ڊراما، ڪي موووي ۽ ٻي ثقافتي ڪشش شامل آهي. هن چيو ته ڪوريا ۽ پاڪستان جا ٻطرفا لاڳاپا 2023ع ۾ 40 سالن جي سفارتي دوستيءَ جي سالگرهه ملهائيندا. ٻنهي ملڪن جا سياسي لاڳاپا به بهترين آهن. هن چيو ته ڪوريا ۾ امن عمل دوران پاڪستاني حڪومت جو ڀرپور سهڪار رهيو. جيئن ته اتر ڪوريا ۽ ڏکڻ ڪوريا فني طور اڃا تائين جنگ واري صورتحال ۾ آهن، پر ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگبنديءَ وارو معاهدو ٿيل آهي، جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ سرحد ڪافي مضبوط آهي. اهڙي غير مستحڪم صورتحال سبب اهو ضروري آهي ته ٻيٽ نما ڪوريا ۾ جنگ کان پاسو ڪجي ۽ امن کي برقرار رکجي. هن چيو ته سٺي معاشي ۽ ڪاروباري سهڪار باوجود ڪوريا ۽ پاڪستان ۾ واپاري دائرو اسان جي اميدن کان گهٽ آهي. هن چيو ته گذريل سال ٻنهي ملڪن وچ ۾ 1.3 بلين ڊالرن جو واپار ٿيو، جنهن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي صدارت خطاب ڪندي سنڌ يونيورسٽيءَ جي سوشل سائنسز فئڪلٽيءَ جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر حمادالله ڪاڪيپوٽو چيو ته پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا دوست ملڪ آهن. جيئن ته ڪوريا ترقيءَ جي ڊوڙ ۾ گهڻو اڳتي نڪري چڪو آهي ۽ اها ترقي اعليٰ تعليم پرائڻ واري جذبي سبب ممڪن بڻي آهي، تنهنڪري هاڻي ڪوريا پاڪستان خاص طور سنڌ جي شاگردن کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ لاءِ اسڪالرشپ جو اعلان ڪري. هن چيو ته پاڪستان اڃا ترقي پذير ملڪ آهي، جيڪڏهن دوست ملڪ ڪوريا نوجوانن لاءِ پنهنجي تعليمي ادارن ۾ وڏي پئماني تي داخلائن جا در کولي ته ايندڙ 20 سالن ۾ پاڪستان به معاشي طور اُڀري سامهون ايندو. ڪراچي يونيورسٽيءَ جي آءِ آر شعبي جي ميريٽوريس پروفيسر ۽ اڳوڻي ڊين ڊاڪٽر مونس احمر چيو ته پاڪستان کي ڪوريا مان سکڻ جي ضرورت آهي. ملڪ ۾ جيڪڏهن ڪوريا ريپبلڪ جي طرز تي 8 نقطن، نظرياتي قيادت، منصوبابندي، سٺي حڪمراني، قانون جي حڪمران، بهترين تعليم توڙي صحت جو نظام، جدت، سياسي استحڪام ۽ انساني توڙي سماجي ترقيءَ تي ڌيان هجي ته اهو ڏينهن پري ناهي ته پاڪستان ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ شامل ٿي ويندو. ايريا اسٽڊي سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر مڪيش ڪمار کٽواڻي چيو ته ڪوريا جي ڪراچيءَ ۾ قونصلخاني کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي ايريا اسٽڊي سينٽر سان گڏجي تعليمي ۽ تحقيقي منصوبا شروع ڪرڻ گهرجن ته جيئن سنڌ جي نوجوانن کي بهترين موقعا ملي سگهن. سيمينار ۾ ڊاڪٽر رونق علي بهڻ “پاڪستان ڪوريا ٻطرفا لاڳاپا: اڳتي وارو رستو” جي سري هيٺ پنهنجي تحقيقي مقالو پيش ڪيو. ڊاڪٽر غلام علي ٻرڙو سميينار جي ڪارروائي هلائي. سيمينار ۾ ڪوريا جي ثقافت تي ٻه مختصر وڊيوز به ڏيکاريون ويون، جن ۾ ڪوريا جي تاريخ ۽ موسيقي توڙي رقص کي نروار ڪيو ويو. سيمينار جي شروعات ۾ نظر حسين چانڊيو تلاوت ڪلام پاڪ جو شرف حاصل ڪيو، جنهن بعد پهريون پاڪستان ۽ پوءِ ڪوريا جو قومي ترانو وڄايو ويو. ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا هلائڻ دوران هال ۾ موجود سمورا ماڻهو احترام ۾ بيٺل رهيا. سيمينار کان پوءِ ڪوريا جي قونصل جنرل پنهنجي وفد سميت سنڌالاجي ميوزيم جو دورو ڪيو ۽ سنڌي ثقافتي شين ۾ ڀرپور دلچسپي ورتي. هو سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان گهلي ملي ويو ۽ ساڻن ڦوٽو ۽ سيلفيون پڻ ڪڍرايون.
