ڄامشورو ۾ بلڊنگ بيگ بيٽر پروگرام مڪمل ڪيو ويو

ڪوٽڙي (رپورٽر: وقار ھيسباڻي) ڪوٽڙي پاڪستان ورڪرز فيڊريشن  عالمي اداري محنت ILO جي تعاون سان ضلعي ڄامشورو جي ڳوٺ پهلوان خان کوسو ۾ بلڊنگ بيگ بيٽر  پروگرام مڪمل ڪيو ويو. جڏهن ته آڄ عالمي اداري محنت جي ڪنٽري ڈائريڪٽر مسٽر  ٿوهوم متاثر  ڳوٺ ۾ تعمير ڪرائيل گهرن جو جائزو ورتو ان موقعي تي عالمي اداري محنت ڪنٽري ڊائريڪٽر مسٽر تهوم ميڊيان سان ڳالهيندي چيو ته اسان جو مشن آھي ته پوري دنيا ۾ پورهيتن جي حقن تحفظ۽  قانوني سازي ڪرڻ آھي جڏهن ته هي پروگرام به ان جو ننڊڙو جو حصوهوجڏهن ته ان موقعي تي پاڪستان ورڪرز فيڊريشن جي جنرل سيڪريٽري وقار احمد ميمن۔ حاجي غلام مرتضه خاصخيلي صالح ٻٻر سميت ٻين جو چوڻ هو ته پاڪستان ورڪرز فيڊريشن پاڪستان جي پورهيتن جي  حقن جي لاء ڪم ڪرڻ تنظيم آھي جيڪا ملڪ جي پورهيتن جي حقن لاء ڏينهن رات ڪم ڪرڻ ۾ رڌل آھي ۽ پورهيتن  کي ليبر قانون جي تعليم ۽ تربيت مهيا ڪندي آھي هن وقت اسان عالمي اداري محنت جي تعاون سان تازوئي ٻوڏ  متاثر علائقن ۾ متاثر  پورهيتن جي سهائتا ڪندي سندن جا گهر ٻوڏ سبب متاثر ٿيا ۽اهي پورهيت  بيروزگاري سبب پريشان ٿيا اسان انهن پورهيتن کي روزنه جي بنياد تي ڏهاڙي ڏئي سندس ٺهي پٽ ٿيل گهرن جي مرمت ڪرائي اسان جو مقصد  پاڪستان جي پورهيت جي احساس محرومي ختم ڪرڻ ۽  ان مستحڪم ڪرڻ آھي۽  پاڪستان ورڪرز فيڊريشن ان ڳالھ تي يقين رکي ٿي ته پورهيتن کي  خوشحال رکڻ لاء ملڪ ترقي ڪندو ان موقعي تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ليبر ڄامشورو اصغر لاکو ۽ ٻيا موجود هئا جڏهن ته اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي موجودگي ۾ ايگريڪلچر يونين  پڻ جوڙي وئي اڳواڻ چونڊيا ويا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں