ڪراچي (بيورو رپورٽ) ڪراچي اولهه جي قديم آبادي علي محمد گبول ڳوٺ ۾ بنيادي سهولتن جو فقدان،ڳوٺ واسي پاڻي، بجلي، گئس،تعليم ۽ صحت جي سهولتن کان محروم زندگي گذارڻ تي مجبور،ڳوٺاڻن پاران وس وارن کي نوٽيس وٺي مسئلا حل ڪرڻ جي اپيل، خبر موجب 5 سئو گهرن تي مشتمل اولهه ضلعي ديهه موکي جي قديم آبادي علي محمد گبول جا رھواسين کي تعليم، صحت، بجلي ،گئس ،پاڻي جي ڪا به سهولت موجود نه آهي جنهن سبب ڳوٺاڻا تڪليف واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن اسڪول نه هجڻ ڪري ٻارن جو مستقبل اونداهو بڻيل آهي ۽ ننڍي وڏي علاج واسطي عورتون ۽ مرد پري پري وڃن ٿا ان سلسلي ۾ ڪراچي انتظاميه توڙي چونڊيل نمائندن ڪو به نوٽيس نه ورتو آهي. ڳوٺ جي سماجي اڳواڻن فتح محمد گبول، رمضان رند ميڊيا کي ٻڌايو ته هي وسندي قديم آهي جنهن جا مڪمل دستاويز به موجود آهن پر ان باوجود به ڳوٺ کي مڪمل نظرانداز ڪيو ويو آهي ان کان سواءِ ايم ڊي اي انتظاميا به وقت بوقت تنگ ڪري ٿي ۽ ڳوٺ جي زمين تي جبري ولار ڪري ڌارين بلدرن کي وڪرو ڪرڻ چاهي ٿي. اسين پ پ جا ووٽر ۽ سپورٽر آهيون پر ڪنهن به چونڊيل نمائندي يا آفيسر شڪايتن باوجود اسان جي سار نه لڌي آهي. سائنس ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي صدي هوندي اسين اوندهه جي دور واري زندگي بسر ڪريون پيا ڳوٺ ۾ نه ته ڪو اسڪول آهي ۽ نه ئي ڊسپينسري آهي پيئڻ جو پاڻي به نه ٿو ڏنو وڃي جنهن ڪري ڳوٺ واسي زهريلو پاڻي واپرائي موذي مرضن ۾ مبتلا ٿي ويا آهن بجلي به نه ٿي ڏني وڃي جنهن سبب ڳوٺ رات جو اوندهه ۾ ٻڏل هوندو آهي ۽ رڌ پچاء لاءِ ڪاٺيون استعمال ڪيون ٿا اسين سڀ ڳوٺ واسي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعلي سنڌ مراد علي شاهه، وزير بلديات ناصر شاهه، وزير ڪچي آبادي لياقت اسڪاڻي کي اپيل ڪريون ٿا ايم ڊي اي جي ظلمن کان بچائي ڳوٺ ۾ سموريون سهولتون ڏئي انصاف فراهم ڪيو وڃي.
