بدين(ڊ ر) بدين ضلعي جي علائقي سيراڻي, حيات خاصخيلي, اسحاق سمون, لنواري شريف ۽ ڀير لنڊ جي 200 خاندانن جي سروي ڪري سندن گهرن تائين سورمي سٿ جي سرواڻ ادي عابده سمون ۽ سندس ساٿياڻي جي مدد سان سامان پهچايو ويو. سامان گڏ ڪرڻ جي مهم ۾ حصو وٺندڙ ايس اي يو اي اي جي ڪنوينر ماجد حيدري, جواد صديقي, عبدالنبي چانڊيو,جاويد سيال دانش حيدري, عامر چانڊيو, ادي شازيا , ادي اسماء , عبدالڪريم مزاري, اصغر کٽياڻ, نويد لانڊير, نويد مينگل ۽ ٻين پاران سامان مستحقين تائين پهچائيندڙن جو شڪريو پڻ ادا ڪيو. ايس اي يو اي اي جو عزم آهي ته وس آهر هي خدمت جو سلسلو جاري رهندو ۽ خدمت کي عين عبادت سمجهون ٿا جنهن ذريعي مالڪ جي خوشنودي ۽ قربت حاصل ٿي سگهي.
