حڪومتي بي ڌياني سبب سنڌ ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ وڏو نقصان ۽ قيمتي جانيون زيان ٿيون: براڊ شيرمن

ڪيليفورنيا (خاص رپورٽ) آمريڪي ڪانگريس جو ميمبر، براڊ شيرمن، عالمي سطح تي مختلف ڪميٽين ۾ رهي ڪري سنڌين جي حقن جي حاصلات جي تحريڪِ لاءِ ھميشه سگهارو آواز رهيو آهي. پاڻ ڪجهه مصروفيات جي ڪري تازو ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي 34 عالمي سنڌ ڪانفرنس ۾ نه اچي سگهيا پر ورلڊ سنڌي ڪانگريس کي لکت ۾ پنهجو پيغامِ موڪليو. براڊ شيرمن پنهنجي پيغامِ ۾ ٻوڏ ۽ برساتن ﺳﺒﺐ سنڌ ۾ جاني توڙي مالي نقصان بابت تفصيلي آنگ اکر پيش ڪري حڪومت جي ناقص ڪارڪردگي تي پنهنجي راء ڏني. پنهنجي بيان ۾ وڌيڪَ چيو ته سنڌي اهڙي وڏي نقصان ۽ تباھڪارين کان حڪومت وقت کي اڳئي آگاهه ڪري چڪا هئا پر حڪومت ان تي ڌيان نه ڌريو جنھن جي نتيجي ۾ وڏي نقصان سان گڏو گڏ قيمتي جانيون به کسجي ويون. هن وڌيڪَ لکيو ته آمريڪا ٻوڏ جي متاثرين جي سهڪار لاءِ اڳ ۾ئي 97 ملين ڊالر ڏئي چڪو آهي، وڌيڪ به مدد ڪندو رهندو. ان کان علاوه براڊ شيرمن پنهنجي خط ۾ سنڌين جي جبري مذهب مٽائڻ ۽گمشدين جو به تفصيل سان ذڪر ڪيوآهي. اُن وڌيڪ چيو ته پاڻ سنڌ جا هي مسئلا هر پليٽ فارم سان گڏ پاڪستاني حڪومتن جي نمائندن سان ڀرپور انداز۾ اٿاريا آهن. براڊ شيرمن پنهنجي پيغامِ ۾ چيو ته کيس افسوس آهي ته پاڻ ڪانفرنس ۾شامل نه ٿي سگهيو آهي. پاڻ سنڌين سان هميشه ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ساٿ ڏيڻ جو يقين ڏياريو ۽ ڪانفرنس لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي ٽيم ڪانگريس مَين، براڊ شيرمن جو سڄي سنڌي قوم طرفان تهه دل سان شڪريو ادا ڪري ٿي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں