خانگي بئنڪون ۽ مالياتي ادارا وياج بابت اپيلون واپس وٺن، ڪراچي گرينڊ سيمينار ۾ ٺهراءُ منظور

ڪراچي( بيورو ) وياج جي خاتمي لاءِ گڏيل حڪمت عملي تيار ڪرڻ لاءِ ڪراچي ۾ گرينڊ سيمينار گڏيل ٺهراءُ منظور ڪري ڇڏيو جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته خانگي بئنڪون ۽ مالياتي ادارا وياج بابت اپيلون واپس وٺن، حڪومت مقرر وقت ۾ وياج واري نظام جي خاتمي لاءِ عملي قدم کڻي. ٺهراءُ جي ناڻي واري وزارت ۾ ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ جو مطالبو به ڪيو ويو  آهي. ٺهراءَ ۾ ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ته نجي بئنڪون وياج بابت اپيلون واپس ناهن ورتيون، وفاقي شرعي عدالت ست کان ٻه ججن تائين محدود ٿي وئي، سپريم ڪورٽ جي شرعي بئنچ غيرفعال آهي. سيمينار ۾ عالمن، سياسي، سماجي شخصيتن سميت بئنڪارن، اقتصادي ماهرن ۽ واپارين شرڪت ڪئي. پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته وياج رڳو مذهبي ماڻهن نه پر سڀني جو گڏيل مسئلو آهي، جنهن خلاف اجتماعي طور محنت ڪرڻي پوندي. ڪراچي ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته شرعي عدالت وياج خلاف فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، عملدرآمد لاءِ وزيراعظم سان ڳالهائڻو پوندو. مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان هڪ اهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهيون، جنهن مان نڪرڻ آسان ناهي، سيمينار ۾ ڪيل ڳالهيون ۽ پاس ڪيل ٺهراءَ حڪومت جي رهنمائي ڪندا. مولانا فضل الرحمان چيو ته اسين سڀ وياج جي خلاف آهيون پر عملي قدم کڻڻ تائين وياج جو خاتمو ممڪن نه آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں