خيرپور (ڊ ر) خيرپور جي ناز هاء اسڪول ۾ سنڌ ايجوڪيشنل فورم خيرپور طرفان سنڌ جي ناليواري شاعر محقق ۽ اديب ڊاڪٽر تنوير عباسي جي ياد ۾ تنوير عباسي ڪانفرنس ۽ مشاعرو ڪوٺايو ويو. تقريب جي صدارت سنڌ جي ناليواري شاعر اياز گل ڪئي جڏهن ته خاص مهمانن ۾ ڊاڪٽر مهر خادم، منظور لاڙڪ، سجاد ميراڻي ، ڊاڪٽر ابراهيم کرل، امر اقبال ۽ هيا هئا ، ان موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي ناليواري شاعر اياز گل چيو ته تنوير عباسي جي شاعري ۾ فطرت جا رنگ ملن ٿا، هو نوجوان شاعرن کي همٿائيندو هيو، شيخ اياز ۽ تنوير عباسي جو وڏو مطالعو هيو توير عباسي سنڌي شاعري جو چمڪندڙ ستارو هيو سندس شاعري مان ڪيترائي شاعر مستفيد ٿيا ، تنوير عباسي جي خاڪي شاھ پل واري گهر وٽ هميشه اديبن جا ميلا متل هوندا هئا هو سونهن ۽ سچ جو شاعر هيو ،تنوير عباسي جديد سنڌي شاعري کي فني ۽ فڪري حوالي سان نوان رنگ ڏنا . تنوير عباسي سونهن فطرت ۽ سنڌ کي پنهنجي شاعري جا موضوع بڻايا، دور جو باڪمال شاعر هيو، ان موقعي تي خاص مهمان ڊاڪٽر مهر خادم ، ڊاڪٽر ابراهيم کرل، سجاد ميراڻي ،منظور لاڙڪ ، امر اقبال خطاب ڪندي چيو ته تنوير عباسي هائيڪو کي عام ڪرڻ ۾ اهم ڪردار هيو، جڏهن سنڌ جو نالو کڻڻ گناه هيو ان وقت به تنوير پاڻ ملهايو، شاعر پنهنجي وقت جا تاريخدان ۽ ٻولي جا محافظ ٿيندا آهن، تنوير عباسي سراسر سنڌ هيو سراسر محبت هيو تنوير عباسي سنڌ ڌرتي جو اساسو هيو، سندس زندگي ۽ تخليقي ڪم تي تحقيق جي ضرورت آهي ،ڊاڪٽر تنوير عباسي ادب جو محافظ هيو، ان موقعي تي مشاعري جي محفل ٿي جنهن ۾ سنڌ جي سريلن شاعرن سجاد ميراڻي، منظور خاموش،وشال امير، پروفيسر حسن شيخ، علي حسن سرڪي،وفا حاڪم وساڻ، وحيد وساڻ، الطاف راجا، ساجد جمالي، ديدار معصوم ، ميرصوبدار سعيد، فياض مهيسر، محبتي مهيسر ،طارق مهيسر ،اختر کوکو، نذير احمد سروهي ، انور سانول ،حسن شيخ آصف بلوچ ، احمد مسافر، قربان گل، گل حسن گل، علي محمد خاصخيلي، غلام عباس ادني، فقير فليو،منصور عباسي، شريف عباسي، نديم اسير، حسام مھيسر، سلطان ڏيپر، امجد مڱڻهار،رزاق اڄڻ، باسط سومرو، اسحاق چانڊيو، نور محمد نور سومرو، ظهير لاڙڪ سميت 50 کان وڌيڪ شاعرن تنوير عباسي کي ڀيٽا طور شاعري پيش ڪئي ،اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض ظهير لاڙڪ پيش ڪيا ،تقريب ۾ پروفيسر امير گل ڪٽوهر، اداڪار هاشم ڀٽي، لطيف ڏنو چانڊيو، پروفيسر ولي ﷲ مهيسر، پروفيسر مير ذوالفقار ٽالپر، پروفيسر شفيق وساڻ ،مظھر الدين شيخ، ياسين جوڻيجو، حليم سومرو، صابر حسين مہيسر، اختر کوکر، نسيم لاڙڪ ،شعيب رسول ،عامر ڦلپوٽو، خادم جوڻيجو، ڪفايت گل ،صفي الله شر، شاھنواز ڪلهوڙو ، گل مير ڦلپوٽو ، بشارت سهرياڻي، گل بهار ڪٽوهر، علي عنصر سنڌو، آفتاب بلوچ، روشن شيخ، فيروز خاصخيلي، گل بهار ڪٽوهر فيروز خاصخيلي، عرفان بلوچ، وزير خان مري، سجاد سولنگي، عرفان وساڻ، نعيم مهيسر، اداڪار سلطان سومرو سميت علم ادب سان چاھ رکندڙ شاعرن اديبن، وڪيلن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي آخر ۾ فنڪار شريف عباسي، منصور عباسي، نديم اسير، پاران تنوير عباسي جا ڪلام ڳائي خوب داد حاصل ڪيو.
