دادوءَ ۾ عورتن جو، وومين پوليس جي انچارج خلاف احتجاجي مظاهرو

دادو(رپورٽ:علي گوھر سومرو) دادو ماروي ڪالوني جي رھواسي عورتون معصوم ٻارن سونيا، رخسار، دعا، ايمان، وقار شاھاڻي دادو پريس ڪلب رات جو پھچي ميڊيا آڏو دانھيو تہ وومن پوليس انچارج بينظير جمالي، بيگناھ گلزار شاھاڻي کي گرفتار ڪري خون جي ڪيس ۾ ملوث ڪرڻ چاھي ٿي،  ڪالھ کان پوليس ٿاڻن جا اسان عورتون چڪر ڪاٽي پريشان ٿيون آھيون پوليس نہ پئي ٻڌائي تہ گلزار ڪٿي آھي، معصوم ٻارڙن سان گڏ دادو سي آءِ اي ٿاڻي تي ويھي رھيا آھيون،  ميونسپل سيوھڻ ۾ ڊرائيور گلزار پٽ محمود شاھاڻي جي زال ۽ ڀيڻ پوليس خلاف احتجاج ڪندي دانھيو تہ منھنجي مڙس کي بيگناھ گرفتار ڪيو ويو آھي، پوليس مارجي ويل زاھد خشڪ جي قاتل جوابدار نويد شاھاڻي جي حقي وارثن کي گرفتار ڪري اسان ڳوٺ گل محمد شاھاڻي 7 سالن کان ڇڏي ڏنو آھي، اسان پاڻ ۾ مائيٽ آھيون اسان غريب آھيون ماروي ڪالوني دادو شھر ۾ رھون ٿا، ھنن ايس ايس پي دادو، ايس ايڇ او سي آءِ اي اڪبر چنہ، وومين پوليس انچارج بينظير جمالي کان مطالبو ڪيو آھي بيگناھ گرفتار ڪيل گلزار شاھاڻي کي آزاد ڪري انصاف ڪيو وڃي، منھنجا ٻچڙا بک تي آھن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں