روهڙي ۾ ڳوٺاڻن جو سانگي ۽ جهانگڙو پوليس جي مبينا ظلمن خلاف احتجاجي مظاهرو

روهڙي(رپورٽ:قمرالدين ميراڻي) روهڙي ويجهو ڳوٺ رئيس جاگيراڻي جي رھواسي مختلف برادرين جي ماڻهن، رئيس جاگيراڻي، مسمات نظيران خاتون، غلام شبير جتوئي، لاکي ڏنو قاضي، عابد ميربحر، فتح جاگيراڻي،جي اڳواڻي ۾ عورتون ۽ معصوم ٻارڙا ساڻ ڪري سانگي ۽ جهانگڙو پوليس جي ظلمن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي سخت نعري بازي ڪئي مظاهرين الزام ھڻندي چيو ته ٻه ڏينهن اڳ محمد صادق شيخ، رئيس جاگيراڻي، ۽ ان جا ٻه پٽ محمد اسماعيل، ۽ محمد معروف جاگيراڻي ٻن موٽر سائيڪلن تي ڪنهن ڪم سانگي پنوعاقل ڏانهن وڃي رهيا هئا، سانگي موڙ وٽ سانگي پوليس چيڪنگ بھاني روڪي محمد اسماعيل ۽ معروف جاگيراڻي کي موٽر سائيڪل سميت ويھاري چڏيو پوليس چيو ته موٽر سائيڪل جا ڪاغذ کڻي اچو ته ٻنهي ڄڻن کي ڇڏي ڏينداسين گاڏي جو ليٽر ڏيکارڻ باوجود پوليس اسان جي ھڪ به نه ٻڌي ۽ رات جو بي گناھ محمد اسماعيل کي ڪوڙي مقابلي ۾ زخمي ڪري جيل موڪلي ڇڏيو جڏهن ته معروف جاگيراڻي کي موٽر سائيڪل سميت سانگي پوليس گم ڪري ڇڏيو آهي، ڳوٺاڻن چيو ته اھڙي واقعي خلاف ڪورٽ سڳوري ۾ پٽيشن به داخل ڪئي آهي ان باوجود پوليس گم ٿيل نوجوان کي ظاهر نه ٿي ڪري، ڳوٺاڻن چيو ته رئيس جاگيراڻي جو جھانگڙي ٿاڻي جي حد ۾ لوڌي برادري سان زميني تڪرار ھلندڙ آهي جهانگڙو ۽ سانگي پوليس لوڌي برادري جي ماڻهن جي ونگار وھندي اسان خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي مظاهرين ڪورٽ سڳوري آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي کنڀي گم ڪيل نوجوان کي بازياب ڪرائي پوليس ۽ بااثرن جي ظلمن کان بچايو وڃي، ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او سانگي علي بخش شر جو چوڻ هو ته اسان صرف ھڪ ڏوھاري کي مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي جڏهن ته ٻيو ڪو به ماڻهو اسان وٽ گرفتار ناهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں