حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو چيو آھي ته صوبائي حڪومت شاگردن کي مختلف شعبن ۾اسڪوڊولپمينٽ جي لاءِ ڪي ئي منصوبن ۾ ڪم ڪري رهي اآھن، جنهن جو مقصد شاگرد ۽ شاگردياڻين کي هنرمند ڪري پنهنجي پيرن تي بيهارڻ آھي ته جيئن هو سرڪاري نوڪري تي توجھ گهٽ ڏين ۽ پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري عزت سان پنهنجو روزگار ڪري سگهن. اهڙن خيالن جو اظھار ڊي سي فواد غفار سومرو
حيدرآباد پريس ڪلب ۾ بينظير ڀٽو شھيد هيومن ريسورز ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ، بورڊ حڪومت سنڌ جي تحت فيٿ ڪاليج آف انفارميشن ٽيڪنالوجي سينٽريننگ مڪمل ڪرڻ وارن شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جي تقريب ۾ ڪيو!
