عمرڪوٽ(ڊ ر) عمرڪوٽ ۾ پ پ جي 55 ھين يوم تاسيس جي حوالي سان جلسو منعقد ڪيو ويو، چونڊيل نمائندن، پ پ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي وڏي انگ ۾ شرڪت. خبر موجب پاڪستان پيپلز پارٽي جي 55 ھين يوم تاسيس جي حوالي سان عمرڪوٽ ۾ جلسو ٿي گذريو جنھن ۾ چونڊيل نمائندن طرفان ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ تقريب منعقد ڪئي ويئي جتي خطاب ڪندي صوبائي وزير سيد سردار علي شاھ چيو ته عمران خان جي غلط پاليسين سبب ملڪ معاشي بحران جو شڪار آھي پ پ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جي ڏاھپ ۽ ملڪ جي مفاد خاطر کينئل قدمن جي ڪري ھن وقت پي ڊي ايم ۾ شريڪ سڀ پارٽيون آصف علي زرداري سان گڏ آھن ۽ جلد ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍيو ويندو صوبائي وزير نواب تيمور ٽالپر چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي شهيدن جي پارٽي آهي جنهن جي وجود کي اڄ 55 سال ٿيا آهن 55 سال اڳ پاڪستان پيپلزپارٽي جو جنم يعني مسڪين ماڻهن جي آزادي جو ڏينهن هو پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر مھيش ملاڻي چيو ته پ پ عوامي پارٽي آھي ۽ يوم تاسيس جي موقعي تي سڀني پارٽي ورڪرن کي مبارڪباد ڏيان ٿو پ پ ايم پي اي سيد امير علي شاھ چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي غريبن پورهيتن جي پارٽي آھي جنھن ۾ ميرٽ تي نوڪريون ڏئي عام ماڻهن کي روزگار ڏئي وڌ کان وڌ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن ايندڙ وقت جو ملڪ جو وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري ٿيندو يوم تاسيس جي تقريب ۾ شهيدن جي لاءۡ دعا گهري وئي جڏھن ته تقريب کي ڊاڪٽر نور علي شاھ، پونجو مل ڀيل، صوفي نواز سومرو، حاجي خالد سراج سومرو، برھان الدين ڪنڀر سميت ٻين خطاب ڪيو جڏھن ته رٿيل تقريب ۽ جلسي ۾ پ پ اڳواڻ چوڌري اقبال آرائين، پ پ يوٿ ونگ ضلعي جي اڳواڻن امير ھاليپوٽو، نندلال ميگھواڙ، منٺار آريسر سميت ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
