ماٿيلو ۾ صحافين ۽ سياسي سماجي ڌرين جو اي سي خلاف احتجاج

ماٿيلو(ن س) اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپور ماٿيلو پاران صحافين تي داخل ڪرايل ڪوڙا ڪيس ختم ناهن ٿي سگهيا ان حوالي سان قلم ڌڻين ۽ سياسي سماجي ڌرين جو ڊي سي آفيس اڳيان لطيف لغاري، لالا قادر ڀٽو، سيد اشرف شاه، جلال بوزدار، حنيف سومرو، ڪمال مهر، اڪرم ميتلو،  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اي سي ميرپور ماٿيلو احمر پاران نجي ٽي وي چينل جي ڪيمرامين سڌير لوهار مٿان ڪوريج ڪرڻ تي داخل ڪرايل ڪوڙو ڪيس هن مهل تائين ختم ناهي ڪرايو ويو قلم ڌڻي ڪي ڏوهاري ته ناهن جو انهن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو پيو وڃي هنن وڌيڪ چيو ته صحافين سان ڪڏهن به ناانصافي برداشت نه ڪئي ويندي هنن ڊي سي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته سڌير لوهار تان ڪوڙا ڪيس ختم ڪري صحافين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ ڪمشنر آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو..

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں