حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي ساڃاهه وند ڌرين مطالبو ڪيو آهي ته موهن جي دڙي جي کوٽائي کي سئو سال مڪمل ٿيڻ تي سڄي سال کي پنهنجن تاريخي ۽ تهذيبي ماڳن جي تحفظ بابت ڄاڻ ڏيڻ طور ملهائي تعليمي ادارن ۾ شاگردن کي ڄاڻ ڏني وڃي، قديمي ماڳن مڪانن کي ماحولياتي تبديلين جي ڪري ايندڙ قدرتي آفتن، ٻوڏ ۽ برساتن جي تباهين کان بچائڻ جي لاءِ ڊزاسٽر پاليسي ۾ آثار قديمه جي تحفظ واري نقطي کي شامل ڪري موهن جي دڙي سميت سنڌ جي سمورن ماڳن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي. اهڙو مطالبو هنن “ماحولياتي تبديلين جا آثار قديمه تي پوندڙ اثر ۽ قدرتي آفتن جي تناظر ۾ آثار قديمه بابت پاليسي” جي عنوان هيٺ سماجي تنظيم سنڌ ڪميونٽي فائونڊيشن پاران سماجي اداري اڪرم جي تعاون سان حيدرآباد جي مقامي هوٽل ۾ ڪوٺايل ويهڪ ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سماجي اڳواڻ سليمان جي ابڙو چيو ته پنهنجو ماضي انسان کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جو موقعو ڏي ٿو، تهذيبون مذهبن کان اڳ جون آهن ۽ موهن جو دڙو اسان جي تهذيب جي سڃاڻپ آهي، موهن جو دڙو اسان جو اثاثو آهي، جنهن کي بچائڻ پنهنجي سڃاڻپ کي بچائڻ جي برابر آهي. هن چيو ته موهن جي دڙي تي ڪم ٿيو آهي پر هن وقت موهن جي دڙي کي جيڪو نقصان ٿي رهيو آهي اهو ڏاڍو ڏکوئيندڙ آهي، هاڻوڪين برساتن کانپوءِ جي صورتحال جون تصويرون ڏسي ڏک پهتو، موهن جو دڙو سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ رهي ٿو هو ان جي تصويري شڪل پنهنجي ذهن ۾ محفوظ رکن ٿا. هن چيو ته موهن جي دڙي جي تحفظ جي لاءِ صوبائي حڪومت سان گڏ وفاقي حڪومت سان لکپڙهه ڪري سندن ڌيان موهن جي دڙي ڏانهن ڇڪائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته موهن جي دڙي جي تحفظ جي لاءِ روايتي سوچ کي ترڪ ڪيو وڃي، عالمي اصولن ۽ تجربن کي سامهون رکي آثار قديمه جي تحفظ جي لاءِ ڪم ٿيڻ گهرجي. زرعي ۽ ماحولياتي ماهر پروفيسر اسماعيل ڪنڀر چيو ته پراوينشل ڊراسٽر پاليسي ۾ آثار قديمه ۽ موهن جي دڙي سميت سمورن سائيٽن جي تحفظ کي شامل ڪيو وڃي. هن چيو ته ماحولياتي تبديلين سڄي سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ به وڌيڪ تباهيون اچڻ جو خدشو آهي. هن چيو ته موهن جي دڙي جي ڀڃڊاهه انڊس سولائيزيشن جي ڀڃڊاهه آهي. هن چيو ته هاڻ ڊولپمينٽ سان گڏ تحقيق ۽ پلاننگ جي ضرورت آهي، موهن جي دڙي جي تحفظ جي لاءِ زراعت ۽ آبپاشي کاتي کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته 18 هين ترميم کانپوءِ هي سبجيڪٽ صوبائي آهي ان ڪري صوبائي حڪومت جي وڌيڪ ذميواري آهي ته هو ان تاريخي ورثي جي تحفظ جي لاءِ عملي قدم کڻي. ايس سي ايف جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جاويد سوز هالائي چيو ته قدرتي آفتن جي ڪري جتي انساني زندگي ۽ سڄو نظام متاثر ٿئي ٿو اتي آثار قديمه کي به تمام گهڻو نقصان ٿئي ٿو، قديمي ماڳ مڪان ڀڄي ڀري پون ٿا يا وري مڪمل ختم ٿي وڃن ٿا. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ڊزاسٽر پاليسي ۾ قديمي ماڳن جي تحفظ واري نقطي کي به شامل ڪيو وڃي ته جيئن قديمي آثارن جي تحفظ جي لاءِ اڳواٽ اپاء ورتا وڃن. هن چيو ته جڏهن سنڌ ۾ اڃا ٻوڏ واري صورتحال نه هئي ۽ برساتون نه ٿيون هيون ان وقت به اسان ڪراچي ۾ سيمينار منعقد ڪري هن مسئلي تي ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هن چيو ته سنڌ جي سڃاڻپ ۽ هزارين سالن جي تاريخ رکندڙ موهن جي دڙي کي قدرتي آفتن ۽ درياهه جي وهڪرن کان خطرو رهي ٿو. هن چيو ته ماحولياتي تبديلين جي ڪري اندازي کان وڌيڪ برساتون ٿي رهيون آهن، ٻوڏ جو اسڪيل تمام گهڻو وڌي رهيو آهي، هاڻوڪين برساتن ملڪ جي گهڻي حصي جو سڄو ڊانچو تباهه ڪري ڇڏيو آهي، هن سڄي صورتحال ۾ موهن جي دڙي، رني ڪوٽ، مڪلي ۽ ڪوٽ ڏيجي سميت سنڌ جا ڪيترائي ماڳ خطري هيٺ آهن، هاڻوڪين برساتن ۾ موهن جي دڙي جي اسٽوپا کي ترپال لڳائي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر لاڳاپيل اداري وٽ اهڙي رٿابندي نه هئي ۽ هيڏي وڏي ماڳ کي بچائڻ جي لاءِ رڳو ترپال ڏنو ويو، موهن جي دڙي جو 1972ع ۾ ماسٽر پلان جڙيو پر ان کانپوءِ ڪو به فريم ورڪ نه جڙي سگهيو آهي، سنڌو درياهه موهن جي دڙي جي ويجهو آهي ان ڪري ڪٿان به ڪو سيپيج جو مسئلو ٿيو ته موهن جي دڙي کي نقصان ٿيندو، هاڻوڪين برساتن کانپوءِ موهن جي دڙي جي ڀرپاسي وارا ڳوٺ پاڻي هيٺ هئا، موهن جي دڙي جون ٻاهريون ڪجهه ڀتيون متاثر ٿيون آهن، موهن دڙي ۾ واٽر ليول وڌي رهيو آهي، جنهن ڪري موهن جي دڙي جو اندريون ڊانچو متاثر ٿي سگهي ٿو، موهن جي دڙي جي 4 ڪلوميٽرن جي واري علائقي ۾ قانوني طور تي سارين جي پوکي جي منع ٿيل آهي ڇو ته سارين جي فصل تي پاڻي جو گهڻو استعمال ٿئي ٿو، پر تنهن هوندي به موهن جي دڙي جي ڀرپاسي ۾ سارين جي پوکي ٿي رهي آهي، انگريز دور ۾ ته موهن جي دڙي ڀرسان بندن تان گاڏي گذارڻ تي به پابندي هئي ۽ هاڻ اتي حڪومت پاڻ اتي روڊ ٺاهيا آهن ۽ ٽريفڪ هلي ٿي. هن چيو ته موهن جو دڙو اهو واحد شهر هو جنهن دنيا اندر شهرن جي اڏاوت جو تصور ڏنو. موهن جو دڙو هيستائين بچي به ان ڪري سگهيو آهي ته هنن آرڪيٽيڪٽ جو اعلي مثال قائم ڪيو ۽ اهڙو ڊرين سسٽم رکيو جو اڄ ڏينهن تائين اتي پاڻي بيهي نٿو ۽ پاڻي نيڪال ٿي وڃي ٿو، هاڻ ان ۾ مسئلا پيش اچن ٿا. پاڻي ماهر ڊاڪٽر ضياء ابڙو چيو ته موهن جي دڙي جي سائيٽ تي موجود اسٽاف تربيت يافته آهي، پر ڪجهه شيون انهن جي هٿن ۾ ناهن، آثار قديمه سميت زراعت ۽ آبپاشي کاتي سان ڳنڊيل شيون مسئلن جو سبب بڻجن ٿيون. هن چيو ته موهن جي دڙي جي واٽر ليول بهتر ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه موٽرون به لڳايون ويون هيون، پر هاڻ بند ٿيل آهن، مقامي ماڻهن کي به موهن جي دڙي جي مالڪي ڪرڻي پوندي. سينيئر صحافي مهيش ڪمار چيو ته اسان ۾ اها عادت پئجي وئي آهي ته نقصان ٿيڻ کانپوءِ دانهون ڪندا آهيون، موهن جو دڙو آثار قديمه جي تمام وڏي سائيٽ آهي ان کي بچائڻ جي لاءِ سرڪار کي اڳواٽ اپاء وٺڻ گهرجن، ايندڙ سال به تمام گهڻين برساتن جي اڳڪٿي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ماڻهن ۾ به جاڳرتا پيدا ڪرڻ گهرجي ته هو موهن جي دڙي جي سير دوران به خيال رکن، ماڻهو اتي وڃن ٿا ڀڃڊاهه به ٿئي ٿي، مقامي ماڻهو به پنهنجو ڪردار ادا ڪن. سائوٿ ايشيا پارٽنرشپ جي اڳواڻ شهناز شيدي چيو ته موهن جو دڙو اسان جي سڃاڻپ آهي، ان کي بچائڻ سڄي سنڌ جي ماڻهن جو فرض آهي. هن هاڻوڪي صورتحال مان لڳي ٿو ته موهن جي دڙي کي بچائڻ جي لاءِ تمام گهڻي سوچ ويچار ڪرڻي پوندي. شاعره ۽ ليکڪه نذير ناز چيو ته موهن جي دڙي جي موجودا بيهڪ کي بچائي سگهجي ٿو، پر ان لاءِ عملي قدم کڻڻ گهرجن، موهن جي دڙي سميت سمورن ماڳن جو تحفظ پنهنجي سڃاڻپ بچائڻ جي برابر آهي. سماجي اداري اڪرم جي ولي خان چيو ته موهن جي دڙي جي تحفظ جي لاءِ قانونسازي جي به ضرورت آهي، اسان ڪوشش رهندي ته موهن جي دڙي جي تحفظ جي لاءِ اسان جو تعاون جاري رکون. ان موقعي تي عاشق هالائي، زاهده ڏيٿو، ايڊووڪيٽ ذوالفقار ٿيٻو ۽ ٻين ڳالهه ٻولهه ڪئي. جڏهن ته انو سولنگي وٺي هر هر جنم وربو مٺا مهراڻ ۾ ملبو ڳائي ڀرپور داد حاصل ڪيو.
