ميرپورخاص ۾ لغاري برادري جو قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ڪجهه ڏينهن پھرين تعلقي ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ احمد لغاري واسي مقتول غلام حيدر لغاري جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن ۽ لغاري برادري پاران پوليس خلاف اسٽيشن چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو، 24 ڪلاڪن اندر قاتل گرفتار ڪرڻ جو چتاءُ، ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي مقتول جي وارثن محمد خان لغاري، الله بچايو لغاري، جبار لغاري ۽ ٻين چيو ته ھڪ ھفتو پھرين سر عام گوليون ھڻي اسان جي نوجوان کي قتل ڪيو ويو واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ باوجود پوليس نامزد جوابدارن کي گرفتار نه ڪري رھي آھي جيڪا سراسر زيادتي آهي ھنن چيو ته قاتل سرعام آزاد گھمي رھيا آھن اسان کي ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ مختلف طريقن سان حراسان ڪرڻ سميت موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جڏهن حد جي پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي ھنن چتاءُ ڏيندي چيو ته 24 ڪلاڪن اندر قاتل گرفتار نه ٿيا ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ڌرڻا هنيا ويندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں