ميهڙ(رپورٽ:عابد علي جوڳرو) ميهڙ ڀرسان ڳوٺ ٻنڊو ۾ 2 ڏينهن اڳ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي تڪرار تان ٿيل جهيڙي ۾ زخمي ٿيل غلام عباس کوسو ۽ سندس ٻن پٽن عبدالمجيد کوسو ۽ عبدالحميد کوسو جي ڪيس ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف زخمي نوجوان عبدالمجيد کوسو، ساجد کوسو، زبيده کوسو، وحيد ، مسمات زينت، مسمات حنيفه کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ڏنڊا بردار مرد ۽ عورتن پاران پاڪ ڪتاب کڻي ميهڙ انڊس هاءِ وي ٻنڊو موري ڀرسان روڊ تي رڪاوٽون وجهي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي ويئي، جنهن سبب لاڙڪاڻو کان ڪراچي ايندڙ ويندڙ روڊ جي ٻنهي پاسي سوين گاڏين جون قطارون لڳي ويون ۽ مسافر سخت پريشاني جو شڪار رهياجنهن دوۡران مختلف وقتن ۾ مڇريل مظاهرين ۽ مسافرن وچ ۾ وقفي وقفي سان چڪريون ٿيون. ان موقعي تي مڇريل مظاهرين پاران ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته گذريل ٻه ڏينهن اڳ زرعي زمين جي تڪرار تان جوابدار سڌير عرف دائم کوسو، ديدار کوسو، علي مردان کوسو، علي رضا کوسو ۽ ٻين جوابدارن پاران بلاجواز اسان جي گهرن تي حملو ڪري اسان جي ٽن ڄڻن غلام عباس کوسو، عبدالمجيد کوسو ۽ عبدالحميد کوسو کي گوليون هڻي سخت زخمي ڪيو هو جنهن جو ميهڙ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ باوجود پوليس اڃا تائين هڪ به جوابدار کي گرفتار ناهي ڪيو ۽ جوابدار سرعام آزاد گهمي رهيا آھن جنهن ڪري هاڻي جوابدار اسان کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاء موتمار ۽ ڳرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آھن هنن چيو ته اسان غريب مسڪين ماڻھو آھيون ۽ جوابدار قتل ڦرن ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث بدنام ڏوهاري آھن جن مان هاڻي اسان کي جان جو خطرو آھي ان موقعي تي ڌرڻي واري هنڌ ڊي ايس پي ميهڙ وحيد بيگ پاران پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري جلد جوابدار گرفتار ڪرائڻ جي خاطري ڪرائڻ بعد ڌرڻو ختم ڪرايو.
