ڪراچي (بيورو) پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان استعيفيٰ ڏئي اسان مقابلي لاءِ تيار آهيون، سياست ۾ مداخلت نه ڪرڻ جو اعلان ٿيو ته سليڪٽڊ سياستدان پريشان ٿي ويا. پ پ جي 55هين يوم تاسيس جي موقعي تي نشتر پارڪ ۾ جلسي سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ان سليڪٽڊ کي مڙهيو ويو، جيڪو آئيني حق کسڻ چاهي پيو، اسان ان جو سياسي مقابلو ڪنداسين، چونڊن جي ميدان ۾ ڪنداسين، اسان چيو ته جمهوريت اسان جو انتقام آهي. هن چيو ته ڪراچي لاءِ پنهنجو ميئر چونڊرائي مسئلا حل ڪرائڻ اسان جو حق آهي، هن شهر جو ميئر جيالو هوندو، اسان هر طبقي کي معاشي انصاف ڏياريو، پ پ هڪ ٻه نه پر ٽن آمرن کي ڀڄايو آهي، اسان نفرت جي سياست تي يقين نٿا رکون. سندس چوڻ هو ته بينظير ڀٽو ڌماڪي کانپوءِ گهران ويهي خطاب ڪري پئي سگهي، بينظير ڀٽو جي پيءَ، ٻن ڀائرن کي شهيد ڪيو ويو، هن به جمهوريت خاطر جان قربان ڪئي، سندس شهادت کانپوءِ جيڪڏهن اسان ڀڃ ڊاهه جي سياست ڪيون ها ته ڪير نه روڪي ها. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جنگ هارائڻ کانپوءِ 5 هزار ڪلو ميٽر ايراضي اسان جي دشمنن وٽ هئي پر ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪوششن جي نتيجي ۾ اها زمين پاڪستان کي واپس ملي ۽ اڄ ان ئي زمين مان ”ڪارو سون“ ٿر جو ڪوئلو نڪري رهيو آهي ۽ فيصل آباد جون جيڪي صنعتون آهن، اهي ان ئي زمين جي ڪوئلي سان بجلي پيدا ڪري رهيون آهن. پرڏيهي وزير چيو ته فوجي ناڪامي کانپوءِ 90 هزار جنگي قيدي اسان جي دشمن جي ڪئمپ ۾ هئا پر ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي سياست، دانشمندي، ڪامياب پرڏيهي پاليسي سان اهي جنگي قيدي پاڪستان واپس آندا.
