ڪنڌڪوٽ(رپورٽ:گل محمد کوسو) ضلعي اندر ڏوهي سرگرمين ۾ تيزي اچي وئي آهي.ضلعو ڏوهارين جي نشاني تي روڊ رستن تان ڦرون معمول بڻيل آهن.بخشاپور ٿاڻي جي حد ڇڻڪو ڦاٽڪ وٽ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن بخشاپور شهر طرف ويندڙ ميڊيڪل ريپ شيرباز ملڪ ۽ قمر ملڪ کان هٿيارن جي زور تي سي ڊي موٽرسائيڪل روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦرڪري آساني سان فرار ٿي ويا. ڦر واردات ٿيڻ باوجود حد جي پوليس جاءِ واردات تي نه پهتي جنهن بعد ميڊيڪل ريپ جي اڳواڻن ڦر واردات خلاف ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي روڊ تي احتجاجي ڌرڻو لڳائي ڇڏيو.روڊ بلاڪ ٿيڻ سبب وڏي تعداد ۾ قطارن جي صورت ۾ گاڏيون بيهجي ويون.ان موقعي تي ڦر ٿيندڙ متاثر نوجوانن شيرباز ملڪ،قمر ملڪ ۽ ٻين احتجاج ڪندڙ اڳواڻن جو چوڻ هو ته ضلعي جو امن و امان انتهائي خراب آهي روز ڦرون ڌاڙا چوريون معمول بڻيل آهن.هنن چيو ته اسين دوائن جي ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ مزدور آهيون اسان کان موٽرسائيڪل روڪ رقم ۽ موبائيل فونون ڦر ڪيون وئي ويون.مزاحمت تي اسان کي مارڪٽ جو نشانو بڻايو ويو.ڌرڻو 2 ڪلاڪن تائين جاري رهيو جنهن بعد پوليس عملدار پهچي احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪيون جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو مظاهرين مطالبو ڪيو ته ڦر ٿيل سامان واپس ڪيو وڃي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جي سلسلي کي وڌايو ويندو.
