ڪوئيٽا ۾ فورسز جي ٽرڪ تي آپگهاتي حملو، پوليس اهلڪار سميت 4 ڄڻا مارجي ويا، 27 زخمي

ڪوئيٽا (بيورو) ڪوئيٽا جي علائقي بليلي ۾ ٿيل  آپگهاتي حملي ۾ چار ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 27 شهري  زخمي ٿي پيا آهن. پوليس موجب آپگهاتي ڌماڪي ۾ بلوچستان ڪانسٽيبلري جي ٽرڪ کي نشانو بڻايو ويو، ڌماڪي سبب ڀرسان گذرندڙ گاڏي پڻ حملي جو شڪار ٿي وئي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ پوليس اهلڪار سميت عام شهري پڻ زخمي ٿيا آهن، زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب ڌماڪي کانپوءِ  پوليس ۽ بم ڊسپوزل ٿڏي تي طلب ڪيو ويو آهي، واقعي واري هنڌ جو گهيراءُ ڪري ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن. ڊي آءِ جي ڪوئيٽا اظفر مهيسر جو چوڻ آهي ڌماڪي سبب پوليس اهلڪار، ٻه ٻارڙا ۽ هڪ عورت مارجي ويا جڏهن ته 22 پوليس اهلڪارن سميت 27 ڄڻا زخمي آهن. ڊي آءِ جي موجب  ڌماڪي ۾ 25 ڪلو بارودي مواد استعمال ڪيو ويو، پوليس اهلڪار ٽرڪ تي پوليو ڊيوٽي لاءِ وڃي رهيا هئا. وزيراعظم شهباز شريف طرفان ڪوئيٽا آپگهاتي حملي جي مذمت ڪئي وئي آھي، وزيراعظم پاران ڪوئيٽا خودڪش ڌماڪي جي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي. ٻئي پاسي پرڏيهي خابرو اداري کي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان ( ٽي ٽي پي) حملي جي ذميواري قبول ڪئي ۽ چيوته گروپ جلد ڌماڪي بابت وڌيڪ تفصيل ڪندو. ياد رهي ته اڄوڪو ڌماڪو عسڪريت پسند گروپ طرفان حڪومت سان جنگبندي معاهدو ختم ڪرڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ حملا ڪرڻ جي ڌمڪين جي سامهون اچڻ جي هڪ ڏينهن بعد ڪيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں