گاج ڊائيوريشن بند جو تعميراتي ڪم ڪمل ٿيڻ ناممڪن بڻجي ويو !

محمد اسماعيل لانگاھ
لڳي ٿو ته ڪاڇو ايندڙ سال به ٻُڏندو نه روڊ ٺھندا نه فصل ٿيندا نه اجها اڏبا غريبن جا گهر لُڙھندا، مال متاع مرندو، سرڪار سڳوري جي ڪمائي جا در وري کلندا، ڪامورا وري ڪاڇي اچي انجواء ڪندا هي سڀ حالتون ناحق، انياءُ ظلم جي انتها آخر ڪاڇي واسي ڪيستائين ڀوڳيندا چيو ٿو وڃي ته جيستائين گاج بند نه ٺھندو ۽ اهو ڇو نٿو ٺاهيو وڃي ڇا ڪاڇي ۾ انسان نٿا رهن هي صرف سرڪار جو وهم آهي ته ڪاڇي واسي ٻوڏن کي منهن ڏئي ڏئي دلين جا پٿر ٿي ويا آهن انهن لاء گاج جي ٻوڏ ڪا مشڪل ناهي هي سڄو قصو گاج ڊائيوريشن بند سان سلهاڙيل لکين ڪاڇي واسين جي زندگي جو آهي ذڪر ڪيون ٿا گاج بند جو ڪم مڪمل ڇو نٿو ڪيو وڃي ڪاڇي جو گاج ڊائيوريشن بند هڪ اهڙو خطرناڪ منصوبو آهي جتي وفاقي حڪومت, سنڌ سرڪار ۽ آبپاشي کاتو هر سال ان جي مرمتي ڪم جي آڙ ۾ لکين رپيا ھضم ڪري ٿو, ۽ علائقي جي لکين ماڻهن کي ڪروڙين رپيا نقصانن ۾ وجهي ٿو ۽ ان جا سبب اهي آهن هي منصوبو سرڪار لاء ڪمائي جو ڄڻ وسيلو بڻجي ويو آهي جو ان کي گاج نئين جي خونخوار وهڪرن جي تباهين کان بچائڻ لاء ڪا به سنجيده جامع منصوبا بندي نه جوڙي وئي آهي, جڏھن به مون سون برساتون شروع ٿين ٿيون ھن بند جي تباهي علائقي واسين لاء وڏيون مصيبتون ۽ مشڪلاتون کڻي اچي ٿي گذريل ٽن سالن کي هي بند ٻوڏن سبب مڪمل طور تباه حالت ۾ پيل آهي، جنهن جي نئين سر مرمت لاء وفاقي حڪومت ساڍا 3ارب رپين جي رقم مختص ڪئي ۽ ڪم شروع ڪرايو پر سرڪار جي نااهلي ۽ وڏي پئماني تي ڪم ڪندڙ ڪمپني عملدارن جي ڪرپشن سبب هي خطرناڪ رٿا جو مڪمل ٿيڻَ ناممڪن نظر اچي رهيو آهي 3 ارب رپين جي ٺيڪي مان ڪيترو ڪم ڪيو ويو آهي ۽ ان کي مڪمل ڪرڻ ۾ وفاقي سرڪار، سنڌ سرڪار آبپاشي کاتو، ٺيڪو کڻندڙ ڪمپني تڪ جا چونڊيل نمائنده ڪيترا سنجيده آهن ته رٿا کي جيترو ٿي سگهي جلد مڪمل ڪري ڪاڇي جي ماروئڙن جون زندگيون بچايون وڃن
سن 1947 کان مختلف وقتن تي آيل ٻوڏن ۽ سن 2019کان لاڳيتو ٽن سالن تائين سانوڻي جي خطرناڪ وهڪرن ۽ بند ٽُٽڻ سبب هتي جيڪو نقصان ٿيو آهي ان ۾ نه صرف عام ماڻھن کي جيڪي تڪيلفون آيون آھن ان جو سرڪار ڪوبه ازالو نه ڪري سگهي آهي هن وقت گاج بند جو مرمتي ڪم بلڪل رولڙي جو شڪار ٿي ويو ڪابه انتظامي دلچسپي نظر نه پئي اچي ۽ سرڪار جي سنجيدگي مان کڻي اندازو لڳائجي ته وقت کان اڳ يعني ايندڙ سانوڻي کان هي رٿا مڪمل ٿي سگهندي هن جي مڪمل نه ٿيڻ سان ڪاڇي جي لکين انسانن جي جانين مال ملڪيتن لاء ڪيترو نقصانده ثابت ٿيندو ائين ئي چئي سگهجي ٿو ته هن رٿا کي ڪمائي جو ذريعو بڻايو ويو آهي پٿرن جي بند ٻڻ سميت ديوار جي ڪم لاء جيتري رقم حڪومت طرفان ڏني وئي آهي ان مان تر جيترو به ڪم ڪيو ويو هجي ها ته ڪاڇي واسي دلجاء ڪري سگهن ها پر لڳي ايئن رهيو آهي ڪاڇي کي ايندڙ سال وري به ٻوڏ جي نشاني تي فٽ رکيو ويو آهي گاج بند جو ٺھڻ ڪيترو ضروري آهي ان جو اندازو ڪاڇي ۾ آيل تباهيون انجي نشاندهي ڪن ٿيون
پر ذڪر ان ڳالھ جو ڪجي ٿو ته جيڪڏھن سرڪار کي ڪرپشن ڪري پئسو ڪمائڻو آهي ته پوء اهو گاج بند جي مرمت جي صورت ۾ ڇو اهڙا ٻيا به کوڙ پروجيڪٽ ھوندا جتي سرڪاري عملدار جهجهي ڪرپشن ڪري پئسو ڪمائي سگهن ٿا, هن بند ٽُٽڻ جي صورت ۾ گذريل اڌ صدي کان علائقي جا سوين ڳوٺ بنيادي سهولتن کان محروم آهن شهر ترقي بجاء تباهي طرفي ويندي نظر اچي رهيا آهن روڊ رستا, اسڪول اسپتالون تباه برباد لڳيون پيون آهن جنهن جا ڪارڻ گاج بند جي مرمت تي اچي رُڪجن ٿا ۽ آخر ايڏي نااهلي جو مظاهرو ڇو ٿو ڪيو وڃي هن وقت بند جهڙي نموني تباه ٿيل آهي نٿو لڳي ته مختصر عرصي ۾ مرمتي ڪم مڪمل ٿي سگهي سوال ئي پيدا نٿو ٿئي ڪم مڪمل ٿيڻ لاء تمام گهڻو وقت درڪار آهي ۽ افسوس آ انتظامي نااهلي تي ته هن وقت تائين گاج بند جي تير ڀت جو ڪم جيڪو چار هزار ڦُٽ تائين مڪمل ڪرڻو اهو صرف ٻه سئو کان ٽي سئو ڦُٽ تائين ڪيو ويو آهي جيڪا پيڙھ کان مٿي نه نڪري سگهي آهي ڪم گهڻو آهي بس سرڪار جي لاپرواهين تي ئي حيرت ٿي رهي آهي ته آخر ڪاڇي سان هي دشمني ختم ڪڏھن ٿيندي جيڪا هڪ افسوس زده ڳالھ آهي سو سرڪار جي هن لاپرواهي ۾ امڪاني ٿيندڙ نقصانن جون ذميواريون آخر ڪنهن تي عائد ڪيون وينديون ٽن ارب رپين جو ڪم ٻه کان ٽي ڪروڙ جو به نٿي سگهيو آهي ديوار جي مڪمل ٿيڻ کانپوء پٿرن جي پچنگ جي بند جو به ڪم ڪرڻو آهي ايڏي وڏي رقم باوجود حڪومت جي نااهلي تي افسوس ٿي رهيو آهي ۽ جيڪو ڪم ڪيو ويو آهي ايندڙ سانوڻي تائين جيڪڏھن ايمرجنسي حالتن ۽ تڙ تڪڙ ڪري مڪمل نه ڪيو ويو ته سانوڻي جي برساتن ۾ گاج نئين جي وهڪرن جي ڪري ٿيل ڪم به برباد ٿي ويندو ۽ ٽي ارب رپيا ضايع ٿي ويندا
سو سنڌ سرڪار سميت تمام ذميوار اختيارين ڪاڇي علائقي جا لکين رهواسي اهو سوال پڇڻ حق بجانب سمجهن ٿا ته ڇا گاج ڊائيوريشن بند جي مرمتي ڪم کي سرڪار پنهنجي ڪمائي جو ذريعو بڻائي رکيو آهي يا اهو مڪمل به ڪيو ويندو جيڪڏھن هاته هتي لکين انسانن جي زندگين سان کيڏڻ بند ڪري ايندڙ سانوڻي کان پهرين گاج ڊائيوريشن جهڙي هن خطرناڪ رٿا کي فوري طور مڪمل ڪيو وڃي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں