اسان ڪرپٽ ۽ نالائق آهيون، ان ڪري 75 سالن ۾ پوئتي رهجي وياسين: احسن اقبال

لاهور (م ڊ) رٿابندي بابت وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته اسان ان ڪري 75 سالن ۾ پوئتي رهجي وياسين ڇو ته ڪرپٽ وڌيڪ آهيون ۽ اسان ان ڪري ترقي نه ڪري سگهياسين ته نالائق وڌيڪ آهيون. لاهور ۾ تقريب سان خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته قوم ۽ نوجوانن کي اپيل آهي ته اختلاف راءِ ضرور رکن پر نفرت نه پکيڙين، اختلاف راءِ کي اسان نفرت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، اهو سوچڻو پوندو ته نفرت سان معاشرو نٿو هلي سگهي، اسان لاءِ ضروري آهي ته هڪٻئي تي تنقيد ۾ احترام سامهون رکون، معاشري کي استحڪام جي سخت ضرورت آهي، اسان کي نوجوان نسل کي سٺو مستقبل ڏيڻو پوندو. هن چيو ته اسان ان ڪري پوئتي رهجي وياسين ڇو ته ڪرپٽ وڌيڪ آهيون، ان ڪري ترقي نه ڪري سگهياسين ڇو ته نالائق وڌيڪ آهيون، اسان جو رڳو هڪ ئي مسئلو آهي ۽ اهو آهي سياسي عدم استحڪام، اسان وٽ پاليسين جو تسلسل ناهي رهيو، جڏهن ته ٻيا ملڪ اسان کان اڳتي نڪري ويا آهن، جن ۾ بنگلاديش، انڊونيشيا ۽ ملائيشيا مثال آهن. سندس چوڻ هو ته هاڻ حالتون تبديل ٿي ويون آهن پر اسان کي ٻين ملڪن کان قرض وٺڻو پئجي رهيو آهي، پاڪستان ڊيفالٽ ڪرڻ لڳو هو پر اسان سنڀالي ورتو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں