اوٻاوڙو ڀرسان ڀٽا برادري جو بااثر وڏيري ۽ ريتي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو

اوٻاوڙو(ن س) اوٻاوڙو لڳ ڳوٺ جندو چاچڙ ۾ ڀٽا برادري جو ٻارن سميت بااثر وڏيري ۽ ريتي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي گاجي ڀٽو، منظور ڀٽو ۽ يعقوب ڀٽو ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسان سان وڏيري رسول بخش ڀٽو، بااثر غلام نبي چاچڙ ۽ پوليس اهلڪار ڳوڌو جوڻو جي چرچ تي ريتي پوليس ناجائزيون ڪري رهي آهي جڏهن ته اسان جي ماٽيلي ڀاءُ مقصود ڀٽو کي ورغلائي اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن جڏهن ته بااثر رسول بخش ڀٽو، غلام نبي چاچڙ ۽ مقصود ڀٽو جون ڪال جي رڪارڊنگون هٿ آيون آهن جنهن ۾ اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جا چٽا ثبوت مليا آهن جيڪي اسان وٺ ثبوت طور محفوظ آهن  هنن چيف جسٽس پاڪستان وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه، ڊي آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کان اپيل ڪندي چيو آهي ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں