جيڪب آباد(رپورٽ:صاحب خان چانڊيو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي 55هين يوم تاسيس جي موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي سٽي جيڪب آباد طرفان ڊي سي چوڪ تي پروقار جلسو ڪوٺايو ويو جنهن ۾ پي پي پي لاڙڪاڻو ڊويزن جي صدر ۽ صوبائي صلاحڪار مير اعجازحسين جکراڻي، پي پي پي ضلعي جيڪب آباد جي صدر مير لياقت علي لاشاري، ايم پي اي ٺل ڊاڪٽر سهراب خان سرڪي، اڳوڻي ايم پي اي سردارزاده اورنگزيب پنهور، مير غلام محمد شهلياڻي، ايم سي جي اڳوڻي چيئرمين مير غلام عباس جکراڻي، مير رافع خان جکراڻي، سردارزاده حنيف خان بليدي، ڪائونسلر آصف علي مغيري، علي حسن مغيري، بهادر علي مغيري، سجاد احمد مستوئي سميت هزارين ماڻهون شريڪ ٿيا، جلسي ۾ پي پي پي اڳواڻ حاجي شير محمد مغيري جي هدايتن تي سوين ماڻهون آصف علي مغيري جي اڳواڻي ۾ پڻ شامل ٿيا. ڪوٺايل تقريب کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آهي جنهن پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻايو، ملڪ کي آئين ڏنو ۽ پنهنجي دور حڪومت ۾ لکين ماڻهن کي روزگار فراهم ڪيو، هنن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي عوامي خدمتن تي جيترو ڳالهايون گهٽ هوندو، هنن چيو ته پارٽي جي 55هين سالگرهه جون سڀني کي مبارڪون هجن، اسان کي فخر آهي ته اسان جي پارٽي پنهنجا 55 سال ئي عوامي خدمتن سميت ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ جاکوڙ ڪندي پورا ڪيا آهن. اڳواڻن پاران تقريب ۾ پارٽي جي 55 هين سالگرهه جي موقعي تي 150 پائونڊ جو ڪيڪ ڪاٽي هڪٻئي کي مبارڪون ڏنيون ويون. صوبائي صلاحڪار مير اعجاز حسين جکراڻي خطاب ڪندي چيو ته محمد ميان سومرو جي ڀيڻ مليحه سومرو جيسيتائين ساڻنس گڏ آهي تيسيتائين کيس دشمن رکڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي، مليحه سومرو جتي به وڃي ٿي منهنجي ورڪ ڪري ٿي، مليحه جو واسطو پنجاب سان آهي ۽ هو ملڪ آهي جيڪا سنڌي به ناهي، هن چيو ته محمد ميان سومرو کي ايم پي اي جا ساٿي اميدوار به ڇڏي ويا آهن هاڻ هو اڪيلو رهجي ويو آهي، هن چيو ته جيڪو به محمد ميان ڏانهن ڪم لاءِ وڃي رهيو آهي ته ان کي اهو چئي پيو ته آئون اعجاز خان جکراڻي کي جيل ۾ وجهرائيندس جيڪا خواهش سندس ڪڏهن به پوري نه ٿيندي، هن چيو ته محمد ميان مون کي جيل ۾ ڏسڻ چاهي پر الله پاڪ مون کي جيلن جو وزير بڻائي ڇڏيو آهي، مون سان جيڪب آباد جي عوام جون دعائون گڏ آهن، محمد ميان جي جنگ مون سان نه پر هتان جي عوام سان آهي، هن چيو ته آئون ٽي ڀيرا مسلسل محمد ميان سومرو جي خاندان کي شڪست ڏني آهي ۽ گذريل اليڪشن ۾ به آئون کيس شڪست ڏني، ايندڙ چونڊن ۾ محمد ميان سومرو کي شڪست ڏئي سندس ضمانتون به ضبط ڪندس.
