دادوءَ جي سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرياڻين جو، مريضن جي وارثن طرفان ناجائزيون ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

دادو (رپورٽ:علي گوھر سومرو )سول اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽرياڻين پاران احتجاج، سول اسپتال جي ليڊي ڊاڪٽرياڻين ثمينہ چانڊيو، طاھرہ آريجو، عرفانہ پيرزادو، عظمہ سومرو ۽ ٻين احتجاج ڪيو ڊاڪٽرياڻين  احتجاج ڪندي دانھيو تـ سول اسپتال ۾ سھولتون گھٽ ھجڻ باوجود مريضن جو علاج ڪيون ٿا،  گائني وارڊ ۾ صرف 20 بيڊ آھن ۽ مريضن جو تعداد وڌيڪ آھي حساس ڪيس ريفر ڪرڻ تي مريض جا وارث حراسان ڪن ٿا، موت مار ڌمڪيون ٿا ويم نہ ٿيڻ جي صورت ۾ مريضن جا وارث ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائين ٿا جنھن سبب عدالتن جا چڪر ڪاٽڻا پون ٿا  مريض جي ويم جا ڏينھن پورا نہ ھجڻ ڪري سندن کي گھر وڃڻ جو چئون ٿا جيڪي خانگي سينٽرن تان ويم ڪرائڻ بعد اسان مٿان عدالتن ۾ ڪيس داخل ڪرائي حراسان ڪن ٿا سول اسپتال جي ليڊي ڊاڪٽرياڻين کي تسلي بخش سيڪيورٽي بہ مھيا ناھي جنھن سبب عدم تحفظ جا شڪار آھيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں