روهڙيءَ ۾ مبينا اغوا ٿيل نياڻيءَ جي بازيابيءَ لاءِ وارثن جو احتجاج

روھڙي(ن س) خيرپور ضلعي جي تعلقي شهر قنبر جي ڳوٺ تبراڻي جي رهواسڻ راڌا پنهنجي ڀاءُ ۽ ٻارن سميت روهڙي پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو ۽ الزام هنيو ته ڪوٽ ڏيجي جي رهواسي وزيروساڻ پنهنجي ساٿين سان گڏجي منهنجي 10 ورهين جي ڌيءَ ماروي کي اغوا ڪري ويا ٻه مهينا گذرڻ باوجود ٻارڙي بازياب نه ٿي سگهي آهي جيئن ته منهنجو تعلق غريب برادري سان آهي، انڪري خيرپور ضلعي جون سياسي شخصيتون، ايس ايس پي خيرپور ۽ بالاآفيسر منهنجي ڌيءَ جي بازيابي لاءِ ڪا به مدد نه ڪري رهيا آهن هن وزير اعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر کان مطالبو ڪيو آهي ته ڌيءَ جي اغوا ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ڌيءَ جي بازيابي لاءِ مدد ڪئي وڃي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں