سرپرائيز واري سياست

رياض ابڙو
سياسي اڻبت مثبت شيءِ ناهي ان ڪري دنيا جي ڪنهن ملڪ ۾ سياسي ٺاپر ان ڳالھ جو ثبوت آ ته اهي ترقي يافتا ملڪ سياست يا سياستدانن کي اعلي يا مٿانهون نه ٿا سمجهن انهن وٽ زرداري، نوازشريف يا عمران خان جهڙا اشد ضروري ناهن انهن وٽ ملڪ سڀ کان پهرين، ملڪي آئين، قانون ۽ آرٽيڪل سڀ کان پهرين، ان ڪري انهن ملڪن جي ترقي جو ريشو بنسبت غريب ملڪن جي گھڻو آ يا اهي ملڪ جيترو توجھ معيشت تي ڏين ٿا اوترو يا ذري برابر توجھ بيڪار سياست تي نه ٿا ڏين ان ڪري اسان وٽ هاڻي سرپرائيز واري سياست بچي ان ڪري ته ماڻهن کي ان ڳالھ جو انتظار آ ۽ شدت سان ان ڳالھ جي اوسيئڙي ۾ آهن ته ڪڏهن هي سرڪار ٿي وڃي ۽ ڪڏهن عمران خان جي سياست ۽ رياست بحال ٿي ٿئي، ڇو ته اسان وٽ ان ڳالھ جي ويڙھ ناهي ۽ ڪو به اڳواڻ ان ڳالھ جو چاهيندڙ ناهي ته ملڪ جو ڏيوالو ٿو نڪري يا ملڪ انودھ ۾ ڌڪبو ٿو وڃي، ايڪسپورٽ جو حال بي حال آ، ٻوڏ جي ڪري 30 سيڪڙو جيڪا زراعت تباھ ٿي وئي آ، ماڻهن کي يا پاڻي نه ٿو ملي جو سوڪهڙو ٿو ٿئي يا ايترو پاڻي ٿو ملي جو غريبن جا گهر ڌڪ ئي نه جهلن پر هي ڪوڙا سياستدان رڳو ان ڳالھ ۾ آهن ته انهن کي ڪرسي ملي ۽ جيڪي واعدا ڪري ويا جنهن ۾ اربين روپيا ٻوڏ جي ڪري چندو ڪين پر وري اهي به ڄڻ ڪو فارين فنڊنگ هئي جيڪا ڳڙڪائي ويا ان ڪري انهن سياستدانن کي غريب ماڻهن جي يا ملڪي ناموس ۽ عزت جي پرواھ ناهي.
اتي دنيا جي ملڪن جا مثال جوڙي ۽ ڳنڍي سگهجن ٿا مثال هاڻي ته جوبائيڊن ته ملڪ جي قومي تراني ۾ آمريڪا زنده آباد جو نعرو به ڏنو آ يا سڀ کان پهرين آمريڪا واري ڳالھ به ڪري ٿو ان ڪري ته انهن وٽ رياست جي ناموس جي وڏي ڳالھ آ، انهن وٽ ملڪ جي عزت سڀ کان مٿانهين آ انهن وٽ قانون جي وڏي اهميت آ انهن وٽ سياستدان مٿانهون ناهي ۽ جي اهو قانون جي زد ۽ وٽَ ۾ اچي ويو ته اهو به ڇٿجي ڇٻجي ويندو ان ڪري اها ڳالھ بل ڪلنٽن کي به مڃائي هين ته هو ڪوڊ آف اٿڪس تحت اها غيراخلاقي ڳالھ نه ٿو ڪري سگهي جنهن ۾ بل ڪلنٽن تي اهو الزام هيو ته هو 24 سالا مونيڪا ليونسڪي يان 1995 کان 1998 تائين سيڪشوئل لاڳاپا هلايا ۽ بعد ۾ جڏهن هن جي مٿان اها ڳالھ ثابت ٿي ته هن ان ڳالھ تان هڪ ٽي وي اسپيچ ۾ (جيڪا هن جنوري 1998 تي ڪئي هئي) هٿ کنئيو ته منهنجا ان عورت سان ڪي لاڳاپا ناهن، پر جڏهن ان ڳالھ جي تحقيق ۽ انويسٽيگيشن ٿي ته هي ڏڏهي ثابت ٿيو ۽ هن قوم سان ڪوڙ هنئيو ۽ ان ڳالھ جي ڪري هن جو سينيٽ ۾ ٽرايل به ٿيو ۽ آمريڪي سول ڪورٽ ۾ بل ڪلنٽن کي ان ڳالھ تي ڇڪين ته هو قوم سان ڪوڙ نه ڳالهائي ان ڪري ته هو قانون کان مٿانهون ناهي ۽ دنيا ڏسي ته آمريڪي پنهنجن صدرن کي به ان ڳالھ تي معاف ناهن ڪندا ۽ جيستائين هو قوم کان معافي نه وٺندو تيسائين هو ان ڪرسيءَ جي لائق ئي ناهي ان ڪري آمريڪي صدر قانون کان مٿانهان ناهن، ۽ ڪورٽ هن تي 90 هزار آمريڪي ڊالرن جو ڏنڊ به وڌو، مطلب ته ڳالھ قانون ۽ آئين ۽ ملڪي ناموس جي آ، ان ڪري انهن وٽ ملڪي مفاد ۽ رياسي اصول پائيدار ۽ برابر جي عزت ۽ ناموس لهڻن ان ڏس ۾ 21 جنوري 2020 واري ڪيپيٽول واري واقعي کي ورجايون ته ان ڏينهن ٽرمپ جي ضد ۾ اها ڳالھ هئي ته هو جوبائيڊن کان حلف نه وٺندو ان ڪري ته اهوان کي نه ٿو مڃي ۽ ڪنهن صورت ان جي سامهون به اچڻ چاهيندو ۽ ان ڪري هن ڪيپيٽول واري واقعي ۾ ايوان اندر گهر شيشيا ٽوڙي ٻه ٽي خون به ڪري يا ڪرائي ڇڏيا پر رياست ان جي بدلي هڪ گھڙي ۾ فيصلو ڪيو ته 25 ترميم کي ”امينڊ“ ڪجي ۽ جي اڳوڻو صدر مثال ڪنه عذرت تحت حلف نامو نه کڻي يا نه وٺي ته ان جي جاءِ نائب صدر به ڪم هلائي سگهي ٿو ۽ ان ڏينهن کانپوءِ ٽرمپ جي چون چان به ٻڌي ۽ ڪٿي ڪنٽير تي بيهي ان ڳالھ جي ڦشري نه ڪيئين ته ڪانگريس ڪنهن صورت اها ڳالھ غلط ڪئي يا انهن اها ڳالھ قانون، آئين، آرٽيڪل يا ملڪي مفاد کي بالاتاڪ رکي ڪئي آ ۽ ان ڳالھ ۾ ملڪ (آمريڪا) جو مفاد ناهي ان ڪري اهي هاڻي باغي ڌڙا تريتب ڏيندا پر ان جي برعڪس رياست هڪڙو اهڙو زبردست ڪم ڪيو ته ٽرمپ جي سياست چپ ٿي وئي هاڻي اهو بنيادي فرق آ جنهن ۾ غريب ۽ امير ملڪ ٻه اڌ يا پولرائيزڊ ٿي ٿا وڃن جنهن ۾ ملڪ معمولي سياست کي ڇڏي ملڪي ڪارو وهنوار اڳتي ٿا هلائن ۽ رياست ترقي ٿي ڪري يا انهن وٽ اهو به ناهي ته انهن جي ملڪي هاڻي جوبائيڊن جي سياست کي نه مڃن يا نه مڃيندا ۽ اهي ان ڳالھ تي بضد هجن ته هان ته جوبائيڊن جون پاليسيون هاڻي آمريڪا کي ٽوڙي ڦوڙي ڇڏيندا ان ڪري ٽرمپ ئي آمريڪا جي نرڙ ۾ يا قسمت ۾ لکيل هيو ۽ اهو جي ناهي ته آمريڪا جا ڪارو وهنوار نه هلي سگهندا ان ڪري سياست جوبائيڊن جي ڪرسي ڦيرائي ان ڪري ترقي يافتا ملڪن وٽ اها ڳالھ اهميت جي حامل ناهي ته هاڻي فورن ٻيهر اليڪشن ڪرايون وڃن ۽ جوبائيڊن جي ڪرسي اونڌي ڪيو.
ان ڪري غريب ملڪ اصل ۾ جيتري بک ۽ بدحالي جو شڪار آهن اتي انهن وٽ ڪرسي جي بک، اقتدار جي لالچ ۽ لوڀ به بشمول ان ڳالھ جي به هجي ٿي ته انهن کي اقتدار کپي انهن کي بدلي جي سياست ڪرڻي آ انهن کي هروڀرو چور به پڪڙڻا آهن انهن کي فارين فنڊنگ جا ڪيس اٿلائڻا آهن انهن کي ڪرپشن جي نه نبرجندڙ ڪيس به هلائڻا آهن انهن کي کنڊ، اٽي ۽ دوائن جا اسڪينڊل ۽ بي سبب ڪرپشن به پڪڙڻي آهي ان ڪري هتي ڪنهن به سياست پارٽي کي رڳو ٽي يا ساڍا ٽي سال جي سرڪار هٿ اچي اهي ايترا ته اسڪينڊل ۽ ڪرپشن جي نوان باب کولي ڏيکاريندا جو ايتري پرفارمنس نه هوندن جيتري اهي ڪرپشن ڪري ويندا جو اهي داستان اٿلائي اٿلائي ايندڙ سرڪار ساڌو ثابت ٿي ويندي ان ڪري قانون، آئين، آرٽيڪل ۽ ترميمون ايتريون ضروري ناهن جيترو ملڪي مفاد ۾ ڪم ضروري آ ان ڪري شيون مثبت کڻي هلجن يا اهو ڏسجي ته پي ٽي آءِ جي گهل گهوڙا هاءِ ظلم قهر يا ڀڄ ڀڄان مان ڪهڙو فائدو يا ڪهڙي هنن کي ان ڳالھ جي ڪَلَ ٿي پئي ته وقت کان اڳ اليڪشن ضروري آ يا ان ڳالھ جي بهاني اسان جهڙي غريب، بي يارومددگار ۽ نڌڻڪي ۽ اڻ سڌريل ملڪ ۽ قوم جي لاءِ ڪو فائدي جي ڳالھ نڪري ايندي جو ماڻهو پنهنجا هزارن لکن روپين جي ڪم سيڙائي يا ته اهڙن جلسن جلوسن (ڳالھ سڀني سياسي پارٽين جي آ) ۾ هروڀرو ناچ ڪجن جنهن جو مقصد ۽ مطلب ئي ناهي ڪلھ تائين جڏهن سڀ پارٽيون هن خان کي اها ڳالھ سمجهائينديون هيون ته رتوڇاڻ نه ٿي ڪري سگهجي يا روڊن بلاڪ ڪري ٽريفڪ جام ڪري ماڻهن جا روزگار بند ڪري ملڪ کي نقصان نه ٿو پهچائي سگهجي ۽ ساڳي ڳالھ هي پنهنجي دور ۾ به ڪندو هيو ته جڏهن به پي ڊي ايم ڪنهن به صورت يا هروڀرو لانگ مارچن جو اعلان ڪندي هئي يا سدائين وانگي ”عيد کانپوءِ جيل ڀريو تحريڪ، روڊ بلاڪ، جلسا جلوس، بي اعتمادي جي تحريڪ يا اهڙيون سياسي ڌمڪيون هلائيندي هئي ته جناب عمران ان ڳالھ تي وري خطاب به صادر فرمائيندو هيو ته جلسان جلوس ڪري ملڪي معيشت کي نقصان نه پهچايو پر جڏهن هاڻي پاڻ جلسا جلوس ٿو ڪري سڄو پنجاب جام ڪري ٿو هلي ڪي پي ۾ به آرام نه ٿس، ان ڪري سياست جا ٻئي پاسا ڏسي ان ڳالھ تان ويساھ کڄي ٿو وڃي ته اهي سياستدان يا اڳوان ڪنهن طرح ملڪ سان به سچا هوندا ان ڪري هڪڙي جون پاليسيون ٻئي کي ملڪ دشمن ٿيون لڳن يا هڪڙي سرڪار بل پاس ٿي ڪرائي ان کي مخالف ڌر وارا وري ملڪ سان سڄڻائپ نه ٿا سمجهن ان ڪري اهي جيڪي به سياست ڪن ٿا اهي انهن جي پنهنجي آ جنهن ۾ ملڪ جو ڪو مفاد ناهي انهن کي پنهنجون ڪرسيون عزيز آهن نه ڪي ڪو ملڪي مفاد، ڇو ته انهن جي لاچاري مان هڪ ڳالھ ته واضع آ ته رياست انهن جي خلاف پوليس به استعمال ٿي ڪري، نيب کي به ٽول ٿي سمجهي يا هاڻي وري پنجاب ۾ پنهنجي سرڪار هوندي به پي ٽي آءِ وري مرڪز ۾ مخالف سياست هوندي ان ڳالھ جي سقط نه ٿا رکن ته اهي ان نومبر 3 واري ڪوڙي گولي لڳڻ واري ايف آءِ آر به درج ڪرائي سگهن يا انهن جي رياست ٻڌي ان ڪري ته هڪڙي هنڌ پاڻ مخالف آهن ته ٻئي هنڌ پاڻ سرڪار ۾ به آهن هاڻي ان ڳالھ جو فيصلو ڪير ڪري ته اهي پي ٽي آءِ وارا ڪٿي غلط آهن ۽ ڪٿي صحيح آهن يا هاڻي پرويز الاهي ان ڳالھ جي وجھ ۾ آ ته هو به پنهنجو مدو پورو ڪري ۽ سڀ پروٽوڪل سنڀالي انجواءِ ڪري ان ڪري جتي ڪرسي عمران خان کي پياري آ ته اتي پرويز الاهي به گھٽ ناهي ان ڪري سياست رڳو مفاد پرستي آ ٻيو ڪجھ به ناهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں