سنڌ سدائين محبت ۽ امن جو پيغام ڏنو، اسان کان بدتميزي ناهي ٿيندي: مراد علي شاهه

ڪراچي (بيورو) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اڄڪلهه ملڪ ۾ بدتميزي جو ماحول پيدا ڪيو ويو آهي، اسان جيتري ڪوشش ڪيون بدتميزي نٿا ڪري سگهون. آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ عالمي اردو ڪانفرنس سان خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته ثقافت جا جيترا پروگرام ۽ ڪم سنڌ ۾ ٿيندا آهن، ٻئي ڪنهن صوبي ۾ ناهن ٿيندا، انهن کي اڃا وڌائينداسين، عالمي اردو ڪانفرنس ۾ سڄي دنيا مان اردو ٻولي جا عالم ايندا آهن، ان سان به ثقافتي سرگرمين ۾ واڌ ٿيندي آهي. هن چيو ته اسان جي صوبي مان سدائين محبت ۽ امن جو پيغام ويندو آهي، هن صوبي جي اسيمبلي پاڪستان جو ٺهراءُ منظور ڪيو هو ۽ سڄي پاڪستان ۾ محبت جو پيغام هتان عام ڪيو ويندو آهي، 15 سالن ۾ صوبي جي ترقي لاءِ ڪجهه اهڙا ڪم ٿيا، جيڪي ٻين صوبن ۾ نه ٿيا، آرٽس ڪائونسل کي پاڪستان جو ڪلچرل سينٽر بڻائڻ ۾ پ پ جي سرپرستي به حاصل آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ جا ماڻهو محبت ڪندڙ آهن، بدتميزي جي ماحول ۾ به اسان کان بدتميزي ناهي ٿيندي، سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي، سنڌ جو اردو ٻولي جي واڌ ويجهه ۾ ڪردار آهي. مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته اسيمبليون ٽوڙڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي، جيڪڏهن نه ٽوڙيو ته سٺو آهي پر جيڪڏهن ٽوڙيو ٿا ته تمام سٺو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں