ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ 12 ڊسمبر کان بيچلر ۽ ماسٽر ڊگري پروگرامز جي سيڪنڊ سيمسٽر جا امتحان شروع ڪرائڻ جو يڪراءِ فيصلو ڪيو ويو. اجلاس وي سي سيڪريٽريٽ جي سينيٽ هال ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽي ٺٽو ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر رفيق احمد ميمڻ ۽ سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي کان سواءِ مختلف فئڪلٽين جي ڊينز، شعبن جي چيئرپرسنز، انسٽيٽيوٽس جي ڊائريڪٽرز ۽ ٻين تعليمي ۽ انتظامي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي علامه آءِ آءِ قاضي ڪئمپس ڄامشورو، ايلسا قاضي ڪئمپس حيدرآباد، لاڙ ڪئمپس بدين، محترمه بينظير ڀٽو شهيد ڪئمپس دادو، ميرپورخاص، ٺٽو، لاڙڪاڻو ۽ سيد الهندو شاهه ڪئمپس نوشهروفيروز ۾ ٻئي سيمسٽر جا امتحان 12ڊسمبر کان 31 ڊسمبر 2022ع تائين منعقد ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته سيمسٽر بريڪ 2 کان 13 جنوري 2023ع تائين ڪئي ويندي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو چيو ته مسلسل غير حاضر رهندڙ شاگردن کي امتحان ۾ ويهارڻ ضروري ناهي، امتحان لاءِ حاضريءَ جي شرح کي نظر ۾ رکيو وڃي. هن چيو ته امتحان ۾ ويهڻ لاءِ گهربل حاضري نه هئڻ وارو معاملو ڊپارٽمينٽس جا چيئرمين ۽ انسٽيٽيوٽس يا سينٽرن جا ڊائريڪٽر پاڻ ڏسن ۽ وڌيڪ رهنمائيءَ لاءِ لاڳاپيل ڊينز سان رابطو ڪن. هن چيو ته تعليمي سال 2022ع لاءِ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي پروگرامن ۾ داخلائون نه ٿيڻ جو ڪارڻ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جو اهو شرط آهي، جنهن ۾ چيو ويو ته داخلائن جي اميدوارن لاءِ گريجوئيٽ اسيسمينٽ ٽيسٽ (گيٽ سبجيڪٽ ٽيسٽ) پاس ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته استاد پيغمبري پيشو آهي، جنهن کي سچائيءَ سان نڀائڻو آهي. هن چيو ته سمورا ٽيچر چين آف ڪمانڊ تي عمل ڪرڻ جا پابند آهن، يونيورسٽي ائڪٽ تي عمل ڪرڻ سڀني جي ذميواري آهي. وائيس چانسيلر جو چوڻ هو ته هڪ نيڪ انسان پنهنجي شهر ۾ قائم سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪئمپس جي 40 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اسڪالرشپ ڏيڻ لاءِ ساڻس رابطو ڪيو، جڏهن ته سندس روڪڻ سبب سندس نالو ظاهر نٿو ڪري سگهجي. اهو حقيقت ۾ بهترين عمل آهي. هن چيو ته سنڌي ائسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا به جاويد ڀٽو اسڪالرشپ ڏيڻ لاءِ ڊاڪٽر رفيق چانڊيو ۽ ٻين پروفيسرن سان رابطو ڪيو. ڄاڻايل اسڪالرشپ سندن ئي ٽي او آرز ۽ مرضيءَ واري شعبي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي جاري ڪئي ويندي، پر سانا رقم اسٽوڊنٽس فنانشل ايڊ آفيس ذريعي موڪلي. هن چيو ته تازو اسلام آباد مان ڊي جي سميت آڊٽ جون ٽيمون آيون، جن سنڌ يونيورسٽيءَ کي ملندڙ احساس اسڪالرشپ جي چونڊ ۽ تقسيم وارو نظام ڏسي انتهائي سرهائي ۽ اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ٽيم اسلام آباد واپسيءَ بعد سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن لاءِ اسڪالرشپ جا ڪجهه وڌيڪ سلاٽ منظور ڪرايا، جيڪا خوشيءَ جي ڳالهه آهي. وائيس چانسيلر ڊاڪٽر ڪلهوڙو مختلف شعبن جي چيئرمين ۽ انسٽيٽيوٽس جي ڊائريڪٽرز کي پهرئين سيمسٽر جا امتحاني نتيجا ترت جمع ڪرائڻ جي هدايت پڻ ڪئي.
