لاڙڪاڻي ۾ سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس ۾ ثقافتي تقريب منعقد ڪئي وئي

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻو ۾ سپاف ليڊر سوسائٽي طرفان ثقافتي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر اظهر شاهه، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو، پي پي پي ضلعي جنرل سيڪريٽري اعجاز احمد لغاري، لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي صدر ظفر ابڙو، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر ضمير سومرو، پي پي پي تعلقي صدر اسدالله ڀٽو، نفسياتي ماهر ڊاڪٽر ذوالفقار راهوجو، سيف هوم مزاحيه اداڪار نياز شيخ، پي پي پي ليڊيز ونگ اڳواڻ مرادان چانڊيو، رشيده مغيري، ڪئمپس جي استادن وسيم سومرو، حميره شيخ، حسين علي ڪنڀر، نديم ڪناصرو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي پروفيسر فهد جبران سيال سميت سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي، قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻو جي استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب جي شروعات ۾ تلاوت سان ڪري بعد ۾ نعت شريف پيش ڪيو ويو جنهن کان پوءِ قومي ترانو وڄايو ويو. تقريب ۾ ناليواري ليکڪ ۽ مشهور سرجن پروفيسر ڊاڪٽر سڪندر مغل “انسان ذات جي شروعات”، “سماجن جي تبديلي ۽ ارتقا” تي ليڪچر ڏنو. تقريب ۾ ڪئمپس جي شاگردياڻين ۽ شاگرد تقريرون، ٽيبلوز، شاعري، گيت ۽ خاڪا پيش ڪري سنڌ جي ثقافت کي ڀرپور نموني اجاگر ڪيو. ناليواري شاعر وشال پنهنجي شاعري ٻڌائي واهه ڪرائي ڇڏي. تقريب ۾ پرو وائيس چانسلر ۽ ٻين گڏجي ثقافتي ڏهاڙي جو ڪيڪ ڪاٽيو. تقريب کي خطاب ڪندي پرو وائيس چانسلر پروفيسر اظهر شاهه چيو ته اڄ وڏي خوشي ۽ اهميت وارو ڏينهن آهي ڇاڪاڻ هي ڏهاڙو پنهنجي ڌرتيءَ ماءُ سان محبت جي اظهار جو ڏينهن آهي، اسان سنڌ جي علمي، ادبي ۽ شعوري ورثي سان ثقافتي ڏهاڙي تي پيار جو ڀرپور اظهار ڪندا آهيون. هن چيو ته ڌرتي ۽ ثقافت سان پيار سڀني محبتن کان اتم آهي، مان آرگنائيزر قدوس ورک، سارنگ ابڙو، سپاف ليڊر سوسائٽي جي صدر عبدالله تونيو ۽ سندن سڄي ٽيم کي اڄوڪي تقريب ڪوٺائڻ تي جس پيش ڪيان ٿو. هن چيو ته اسان کي پنهنجي ثقافت عملي، ادبي ۽ شعوري ورثي تي وڏو ناز آهي، اسان پنهنجي ثقافت جو ڏهاڙو ملهائي معاشري ۾ هلندڙ منفي ڪلچرن ۽ ريتن رسمن کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو عزم ورجايون ٿا. ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته سنڌي ثقافت جو هڪ پهلو اِهو به آهي ته اسان پنهنجي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ سان گڏ ٻين مختلف قومن جي ثقافتن کي به عزت ۽ مان ڏيندا آهيون ۽ انهن کي به پنهنجي ثقافت اجاگر ڪرڻ جا پنهنجي ادارن ۾ موقعا فراهم ڪندا آهيون. هن چيو ته صرف ڪپڙا پائڻ کي ڪلچر ڏئي نه ٿو سگهجي پر تعليم، شاعري، ادب ۽ ڪتاب پڙهڻ به اسان جي ثقافت آهي جنهن ڪري ان سمورن عملن کي نوجوان اپنائن. پي پي پي ضلعي صدر اعجاز لغاري خطاب ڪندي چيو ته سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻو جي نوجوان شاگردن ڀرپور نموني ثقافتي ڏهاڙو کي ملهايو آهي جنهن تي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي خاص ڪري نياڻين سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ خوبصورت ٽيبلوز پيش ڪيا توهان سمورن کي جس پيش ڪيان ٿو. هن چيو ته سنڌ ۽ سنڌ جي ثقافت صدين کان قائم ۽ دائم آهي ۽ صدين تائين قائم ۽ دائم رهندي ان کي بهترين نموني اجاگر ڪندا رهنداسين. تقريب جي پڄاڻي تي موسيقي جي محفل منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ سنڌ جي ناليوارن فنڪارن سُرن جي ورکا ڪري هال ۾ ويٺلن کي جهومائي ڇڏيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں